جمع, 16 نومبر 2018 - Fri 11 16 2018

Menu

رهبر معظم جي پهرئين خط جي هڪ جملي جي شرح

سنڌيڪار: مولانا نظير احمد بهشتي 

مهاڳ:

مغربي ملڪن خاص ڪري يورپ ۽ اتر آمريڪا ۾ اسلام تي حملا سبب بڻيا ته اسلام جا وارث، مسلمانن جا رهبر، عظيم مفڪر ۽ دانشور آيت الله خامنه اي دامت برڪاته اتان جي جوانن ڏانهن خط لکن جنهن ۾ کين اسلام بابت پيدا ٿيل غلط فهمين ڏانهن توجهه ڏيارين. اهو خط سال 2015 عيسوي ۾ لکيو ويو هئو. مان ان خط جي صرف هڪ جملي جي مختصر شرح دوستن جي خدمت ۾ پيش ڪري رهيو آهيان. رهبر معظم جوانن سان مخاطب ٿي فرمايو هئو ته: اوهان اسلام کي ان جي اصلي مآخذ ۽ ثبوتن منجهان سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪريو. اسلام کي قرآن مجيد ذريعي ۽ پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم جي حيات طيبه جي ذريعي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪريو. اسلام کي قرآن مجيد ذريعي سڃاڻڻ جي دعوت وڏي فڪري ۽ عظيم دعوت آهي هاڻي اچو ته ان قرآن مجيد بابت جيڪو اسلام جي سڃاڻپ جو اصلي ۽ سڌو سنئون ذريعو آهي ڪجهه غور ۽ فڪر ڪريون.

قرآن مجيد:

جيڪا معلومات غير اصلي منابع مان حاصل ٿيندي آهي ۽ ٻئين يا ٽئين درجي جي منابع مان حاصل ٿيندي آهي اها صحيح معلومات ناهي هوندي ۽ ان تي ڪو اعتبار ۽ ڀروسو ناهي ڪري سگهبو. دين اسلام جي سڃاڻپ ۽ ان مطابق رايو قائم ڪرڻ لاءِ به اصلي ۽ پهرئين درجي جي منابع ڏانهن رجوع ڪرڻ ضروري آهي. قرآن مجيد ۽ حديث جي معتبر ڪتابن (جيڪي اصلي هجڻ سبب معتبر بڻيا آهن) ۾ موجود پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم  ۽ ائمه اطهار عليهم السلام جون حديثون دين اسلام جي سڃاڻپ جو سڌو سنئون منبع آهن ۽ انهن ڏانهن رجوع ڪرڻ کان بغير اسلام بابت ڪا به تحقيق يا ڄاڻ حاصل ڪري جامع اسلامي نظريو قائم نه ٿو ڪري سگهجي. البته ان ڳالهه تي ڌيان ڏيندي ته قرآن عربي ٻولي ۾ آهي ان جي غير مناسب ترجمن هجڻ جي صورت ۾ لازمي آهي ته مناسب ۽ صحيح ترجمن کان استفادو ڪيو وڃي. قراء جي ترجمن کي بهترين ۽ قابل قبول ترجما چئي سگهجي ٿو. جيتوڻيڪ بهتر آهي ته اڄ جي دور مطابق عربي زبان جي ادبيات تي مسلط افراد ۽ لاڳاپيل علائقي جي اديبن جي گڏيل ڪاوش سان قرآن جو مختلف زبانن ۾ ترجمو ٿئي.

هتي اهو سوال ذهن ۾ اڀري سگهي ٿو ته مقدماتي علوم کان بغير دين جي مڪمل ۽ جامع سڃاڻپ لاءِ قرآن مجيد ۽ احاديث ڏانهن رجوع ڪرڻ شايد اشتباهه وارو ڪم هجي ۽ ماڻهو کي حيرت ۽ شبهي ۾ وجهي ڇڏي، نه فقط اهو ته اهڙو ماڻهو مڪمل معلومات حاصل نه ڪري سگهندو بلڪه پنهنجي ان سڌي مطالعي سان تضادن ۽ تناقضن جو شڪار ٿي ويندو. ان ڪري جو ڪيترا ئي متشابهات، عام ۽ خاص، مطلق ۽ مقيد.. موجود آهن جيڪي ڳالهه سمجهڻ ۾ رڪاوٽ بڻجي سگهن ٿا.

ليڪن جواب ۾ چوڻ گهرجي ته قرآن جي متشابهات جو سندس محڪمات ذريعي جواب ڏنو ويو آهي ۽ خود قرآن مجيد پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم ۽ سندس اهل بيت اطهارعليهم السلام  جو پنهنجي حقيقي مفسر ۽ بيان ڪندڙ طور تعارف ڪرايو آهي. جو انهن جي احاديث ڏانهن رجوع ڪرڻ سان آيت کي صحيح نموني سان سمجهي سگهبو. ان کان علاوهه اهو ته ڀلا اهڙيون گهڻيون آيتون هونديون جيڪي مبهم هجن ۽ ماڻهو انهن مان غلط معني اخذ ڪري ته ان جي گمراهه ٿيڻ جو خوف هجي؟

اصل ۾ اها سوچ ان ڪري پيدا ٿي ٿئي جو قرآن جي آيتن تي جزئي ۽ سرسري نگاهه ٿي وڌي وڃي جڏهن ته قرآن هڪ ڪامل مجموعو آهي ۽ ڪنهن کي به اهو حق ناهي ته ڪنهن موضوع بابت قرآن جون سڀ آيتون مطلق توڙي مقيد، عام توڙي خاص، ناسخ توڙي منسوخ، محڪم توڙي متشابهه، ظاهر توڙي باطن... ۽ ان موضوع بابت معصومين عليهم السلام جون روايتون پڙهڻ کان بغير قرآن يا اسلام جو نظريو بيان ڪري. نموني طور هن آيت:

فَانکِحُوا مَا طَابَ لَکُم مِن النِسَاءِ، (1)

ته پوءِ (ٻيون) جيڪي زالون اوهان کي وڻن انهن سان نڪاح ڪريو.

کي آيت جو مڪمل موضوع نظر ۾ رکڻ کان بغير ۽ اهڙي ريت

حُرِّمَت عَليکُم اُمَّهَاتُکُم، (2)

اوهان جون مائرون (ڏاڏي ناني وغيرھ) اوهان تي حرام ڪيل آهن. واري آيت تي توجهه ڪرڻ کان بغير قضاوت جي مبنا قرار نه ٿو ڏئي سگهجي ۽ ان بابت ڪا قضاوت نه ٿي ڪري سگهجي. توجهه رکڻ گهرجي ته خود قرآن ڪريم پنهنجي سڀني مخاطبن کي قرآن پڙهڻ ۽ آيتن ۾ سڌي سنئين فڪر ڪرڻ جي تاڪيد ۽ تصريح ڪري ٿو:

فَاقرَءوا مَا تَيَسَّرَ مِن القُرآنِ ،

جيتري قدر پڙهي سگهو ٿا قرآن پڙهو،

اَفَلَا يَتَدَبَّرُونَ القُرآنَ، (3)

ڇا قرآن ۾ غور ۽ فڪر نه ٿا ڪن؟

اهو قرآن مجيد جو معجزو آهي جو جيڪو به صاف ذهن ۽ نفساني خواهشن کان آجو ٿي، پهريان ڪنهن معنى کي ذهن ۾ سوچي اچڻ کان بغير سڌو سنئون قرآن مجيد جي حڪمت ڀرين آيتن ڏانهن رجوع ڪندو ته پنهنجي ظرفيت ۽ ذهني صلاحيت مطابق هن خدائي ذخيري کان فيض پرائيندو.

وَلَقَد يَسَّرنَا القُرآنَ لِلذِّکرِ فَهَل مِن مُدَّکِرِ (4)،

۽ بيشڪ اسان قرآن کي نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ڪري ڇڏيو آهي (ته) ڪو آهي جو نصيحت حاصل ڪري؟

قرآن هدايت جو ڪتاب آهي ۽ سڀني ماڻهن لاءِ نازل ٿيو آهي ۽ سڀ ماڻهو پنهنجي پنهنجي ظرف مطابق کانئس فيضياب ٿيندا. قرآن ڪريم اهڙن مفهومن سان ڀريل آهي جيڪي هر حق طلب جوان کي پنهنجي طرف ڇڪي وٺن. جيتوڻيڪ مغرب ۾ منفي پروپئگنڊا سبب اسلام مان غلط مطلب اخذ ڪيو ٿو وڃي جنهن ۾ ظاهري مسلمانن کان ڌوڪي ۾ آيل بي دينن جي مدد سان مغربي حڪومتن جا تبليغاتي ادارا ملوث آهن. ليڪن اسان کي اها ڳالهه مڃڻ گهرجي ته مسلمان دانشورن ۽ ماهرن، مغربي حقيقت طلب جوانن کي جن جو تعداد به چڱو خاصو آهي سڌو سنئون قرآن جو مطالعو ۽ پهرئين مرتبي جي اسلامي ڪتابن جو مطالعو ڪرڻ جو شوق ڏيارڻ ۾ ڪوتاهي ڪئي آهي. جيڪڏهن حقيقت طلب مغربي جوان سڌو سنئون قرآن جو مطالعو ڪندو ته کيس پروڙ پوندي ته اسلام بيان جي آزادي لاءِ ڪهڙي فڪر ٿو ڏئي:

وَ اِن اَحَدُ مِن المُشرِکِينَ استَجَارَکَ فَاَجِره حَتَّي يَسمَعَ کَلَامَ اللهِ ثُمَّ اَبلِغه مَامَنَهُ ذَالِکَ بِاَنَّهُم قَومُ لَا يَعلَمُونَ، (5)

 ۽ (اي رسول) جيڪڏهن مشرڪن مان ڪو تو کان پناھ گهري ته ان کي پناھ ڏي! ايستائين جو اهو خدا جو ڪلام ٻڌي پوءِ کيس امن واري جاءِ تي پهچائي ڏي. اهو هن ڪري جو اهي ماڻهو نادان آهن.

کيس پتو پئجي ويندو ته اسلام ۾ جهاد جي معني انهن ماڻهن سان جنگ ڪرڻ آهي جيڪي اهڙي قسم جي بيان جي آزادي کي دنيا مان ختم ڪري اسلام جي عالي پيغام کي سڀني تائين پهچڻ کان رڪاوٽ بڻجن.

وَ قَاتِلُوهُم حَتَّي لَا تَکُونَ فِتنَةُ، (6)

۽ انهن سان ايستائين جنگ ڪريو جو فتنو (شرڪ باقي) نه رهي.

حقيقت طلب مغربي جوان جيڪڏهن قرآن ڏانهن رجوع ڪندو ته ڪهڙي ريت الله جي هن محبوب ڪلام ڏانهن ڇڪجي نه ايندو:

وَ لَا يَجرِمَنَّکُم شَنَآنُ قَومِ عَلَي اَلَّا تَعدِلُوا اعدِلُوا هُوَ اَقرَبُ لِلتَّقوَي، (7)

اوهان کي ڪنهن قبيلي جي دشمني ان ڏوھ ۾ نه ڦاسائي جو اوهين نا انصافي ڪرڻ لڳو. بلڪه اوهين (هر حال ۾) انصاف ڪريو. اها ئي (ڳالھ) پرهيزگاري جي گهڻو ويجهو آهي.

ان جي فطرت ڪهڙي ريت قرآن مجيد جي هن پيغام کي دل جي گهراين سان قبول نه ڪندي جنهن ۾ فرمائي ٿو:

قُل يَا اَهلَ الکِتَابِ تَعَالَوا اِلي کَلِمَةِ سَوَاءِ بَينَنَا وَ بَينَکُم اَلَّا نَعبُدَ اِلَّا الله وَ لَا نُشرِکَ بِهِ شَيئَا وَ لَا يَتَّخِذَ بَعضُنَا بَعضَا اَربَابَا مِن دُونِ اللهِ، (8)

(اي رسول!) تون (هنن کي) چئو اي اهل ڪتاب توهان ڪنهن اهڙي (اتفاق جهڙي) ڳالھ تي اچو جا توهان ۽ اسان جي وچ تي هڪ جهڙي آهي (اهو هي عقيدو) ته خدا کانسواءِ ڪنهن ٻئي جي عبادت نه ڪريون ۽ ڪنهن کي به ان سان شريڪ نه ڪريون ۽ خدا کان سواءِ اسان مان ڪو به ڪنهن کي پنهنجو پروردگار نه بنائي.

اهو ڪهڙي ريت اسلام کي دٻدٻي ۽ وحشت وارو دين سمجهي کانئس منهن موڙيندو جيڪو هن آيت کي پنهنجي چپن تي آڻيندو:

وَ لَا تَسُبُّوا الَّذِينَ يَدعُونَ مِن دُونِ اللهِ فَيَسُبُّوا اللهَ عَدوَا بِغَيرِ عِلمِ، (9)

۽ اهي (مشرڪ) جن جي الله کانسواءِ (خدا ڄاڻي ڪري) عبادت ڪندا آهن، انهن کي تون برو نه چئو نه ته اهي بي علميءَ سبب دشمني ڪري برو ڀلو چئي ويهندا.

اهو ڪهڙي ريت اسلام کي عقل ۽ منطق کان عاري دين سمجهندو جيڪو قرآن جي گهڻين آيتن ۾ فڪر جي دعوت، عقل کان ڪم وٺڻ جي دعوت، ڄاڻ ۽ علم حاصل ڪرڻ جي دعوت ۽ عقل کان ڪم نه وٺڻ جي صورت ۾ انهن جي محاسبي جي ڳالهه پڙهندو:

يَرفَعُ اللهُ الَّذِينَ آمَنُوا مِنکُم وَالَّذِينَ اُوتُوا العِلمَ دَرَجَاتِ، (10)

جي شخص اوهان مان ايماندار آهن ۽ جن کي علم عطا ڪيل آهي خدا تن جا درجا بلند ڪندو.

 اَفَلَا تَعقِلُونَ، (11)

ڇا پوءِ اوهين عقل کان ڪم نٿا وٺو؟!

اَفَلَا يَتَدَبَّرُونَ القُرآنَ، (12)

ته ڇا اهي ماڻهو قرآن ۾ (ذرو به) تدبير نه ٿا ڪن.

پاڪ فطرت وارو مغربي جوان ڪهڙي ريت اسلام کان منهن موڙي اسلام کان علاوهه ڪنهن ٻئي دين ۾ معنويت ڏسندو، جڏهن هي اميد ڏياريندڙ ۽ انهن جهڙيون ٻيون ڪيتريون ئي آيتون پڙهندو:

اَلَا بِذِکرِ اللهِ تَطمَئِنَّ القُلُوبُ، (13)

ياد رکو! ته خدا جي يادگيريءَ سان ئي دلين کي تسلي ٿئي ٿي.

قُل يَا عِبَادِي الَّذِينَ اَسرَفُوا عَلي اَنفُسِهِم لَا تَقنَطُوا مِن رَّحمَةِ اللهِ اِنَّ اللهَ يَغفِرُ الذُّنُوبَ جَمِيعَا اِنَّهُ هُوَ الغَفُورُ الرَّحِيمُ، (14)

(اي رسول کين) چئو ته: اي منهنجا (ايماندار) ٻانهو! جن ماڻهن (گناھ ڪري) پنهنجي جانن تي زيادتيون ڪيون آهن خدا جي رحمت کان نا اميد نه ٿيو بيشڪ خدا (اوهان جي) سڀني گناهن کي معاف ڪندو. اهو ئي بيشڪ معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.

وَ اِذَا سَاَلَکَ عِبَادِي عَنِّي فَاِنِّي قَرِيبُ اُجِيبُ دَعوَةَ الدَّاعِ اِذَا دَعَانِ فَليَستَجِيبُوا لِي وَليُومِنُوا بِي لَعَلَّهُم يَرشُدُونَ، (15)

(اي رسول!) جڏهن تو کان منهنجا بندا منهنجي پڇا ڪن ٿا (چئو ته) بيشڪ آءُ انهن وٽ ئي آهيان. ۽ جڏهن مون کان ڪا به دعا گهرندا آهيو ته آءُ سڀ ڪنهن دعا گهرندڙ جي دعا (ٻڌندو آهيان ۽ جي مناسب هوندي ته) قبول ڪندو آهيان. پوءِ گهرجين ته منهنجو حڪم مڃين ۽ مون تي ايمان آڻين ته جيئن سڌي رستي تي اچن.

وَ لَا تَياَسُوا مِن رَوحِ اللهِ اِنَّهُ لَا يَياَسُ مِن رَوحِ اللهِ اِلَّا القَومَ الکَافِرُونَ ،(16)

۽ خدا جي رحمت (۽ عنايت) مان نا اميد نه ٿيو. بيشڪ خدا جي رحمت (۽ عنايت) مان سواءِ ڪافرن جي ٻيو ڪو به نا اميد نه ٿيندو آهي.

ڪهڙي ريت هي اخلاقي پيغام ۽ هنن جهڙا ٻيا سوين اخلاقي پيغام سندس دل جي گهراين ۾ لهي نه ويندا:

وَ وَصَّينَا الاِنسَانَ بِوَالِدَيهِ حُسنَا، (17)

۽ اسان انسان کي سندس ماءُ پيءُ سان چڱو ڪرڻ جو حڪم ڪيو آهي.

وَ عَاشِرُوهُنَّ بِالمَعرُوفِ ،(18)

۽ زالن سان سٺي سلوڪ سان هلندا رهو.

فَاَمَّا اليَتِيمَ فَلَا تَقهَر وَ اَمَّا السَّائِلَ فَلَا تَنهَر، (19)

ته تون به يتيم تي متان سختي ڪرين. ۽ سوال ڪرڻ واري کي متان جهڻڪين.

وَ لَا تُصَعِّر خَدَّکَ لِلنَّاسِ وَ لَا تَمشِ فِي الاَرضِ مَرَحَا اِنَّ اللهَ لَا يُحِبُّ کُلَّ مُختَالِ فَخُورِ وَاقصِد فِي مَشيِکَ وَاغضُض مِن صَوتِکَ اِنَّ اَنکَرَ الاَصوَاتِ لَصَوتُ الحَمِيرِ، (20)

۽ پنهنجو ڳل ماڻهن کان نه موڙ (وڏائي نه ڪر) ۽ زمين ۾ آڪڙ سان نه هل. بيشڪ خدا کي سڀ هٺيلو پاڻ پڏائيندڙ نه ٿو وڻي. ۽ پنهنجي هلڻ ۾ وچٿري چال هل ۽ پنهنجي آواز کي نرم ڪر! ڇو ته آوازن مان بڇڙي کان بڇڙو آواز گڏھ جو آواز آهي.

وَ لَا تَقرَبُوا مَالَ اليَتِيمِ اِلَّا بِالَّتِي هِيَ اَحسَنُ حَتَّي يَبلُغَ اَشُدَّهُ وَ اَوفُوا بِالعَهدِ اِنَّ العَهدَ کَانَ مَسئُولَا، (21)

۽ يتيم جيستائين جوانيءَ کي پهچي سندس مال جي ويجهو به نه وڃو. پر هاءُ! هن ريت جو (يتيم جي حق ۾) چڱو هجي. ۽ انجام (اقرار) کي پورو ڪريو ڇو ته (قيامت ۾) انجام بابت ضرور پڇا ٿيندي.

وَ اَوفُوا الکَيلَ اِذَا کِلتُم وَ زِنُوا بِالقِسطَاسِ المُستَقِيمِ ذَالِکَ خَيرُ وَ اَحسَنُ تَاوِيلَا، (22)

۽ جڏهن ماڻ ڀريو ته پورو ڀريو ۽ سنئين ترازوءَ سان توريو، اهو گهڻو چڱو آهي ۽ ان جي پڇاڙي (به) گهڻي چڱي آهي.

سياسي آيتون، اخلاقي آيتون، اجتماعي آيتون، فردي آيتون، قرآن جون احڪام بيان ڪندڙ آيتون هر حقيقت طلب جي دل کي پاڻ ڏانهن ڇڪينديون ۽ سندس هدايت جو سامان بڻبيون.

اُولئِکَ عَلَي هُدَي مِن رَبِّهم، (23)

اهي ان هدايت تي آهن جا سندن پالڻهار جي طرفان آهي.

وَ اُولئِکَ هُم المُفلِحُونَ، (24)

۽ اهي ئي ڪامياب آهن.

آيت الله العظمي خامنه اي کي پوري انسانيت جي ڀلائي ۽ ڪاميابي جو اونو آهي. پاڻ راهه حل ان حديث ۾ ڳولن ٿا جنهن ۾ پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو:

اِذَا اِلتَبَسَت عَلَيکُم الفِتَنُ کَقِطَعِ اللَّيلِ المُظلَمِ فَعَلَيکُم بِالقُرآنِ فَاِنَّهُ شَافِعُ مُشَفَّعُ وَ مَا حِلُّ مُصَدَّقُ، (25)

جڏهن فتنا انڌيري رات وانگر اوهان کي وڪوڙي وڃن ته قرآن سان تمسڪ ڪريو. ان ڪري جو قرآن اهڙو شفاعت ڪرڻ وارو آهي جنهن جي شفاعت قبول آهي. براين کي بيان ٿو ڪري ۽ سندس ڳالهيون تصديق ٿيل آهن.

حوالا

1ـ اجازه ازدواج با زنان، سورت نساء، آيت/ 3.

2ـ حرمت ازدواج با محارم، سورت نساء، آيت/23.

3ـ سورت نساء، آيت/ 62.

4ـ سورت قمر، آيت /17 ۽ 32.

5ـ سورت توبه، آيت/ 6.

6ـ سورت بقره، آيت/ 193.

7ـ سورت مائده، آيت/ 8.

8ـ سورت آل عمران، آيت /64.

9ـ سورت انعام، آيت/ 108.

10ـ سورت مجادله، آيت/ 11.

11ـ سورت بقره، آيت /44 ۽ 76، سورت آل عمران، آيت/ 65، سورت انعام، آيت /32، سورت اعراف، آيت /162، سورت يونس، آيت /16، سورت هود، آيت /51، سورت يوسف، آيت/ 109، سورت انبياء، آيت/ 10 ۽ 67، سورت مومنون، آيت/ 80، سورت قصص، آيت/ 60، سورت صافات، آيت/ 138.

12ـ سورت محمد، آيت/ 24.

13ـ سورت رعد، آيت /28.

14ـ سورت زمر، آيت /53.

15ـ سورت بقره، آيت/ 186.

16ـ سورت يوسف، آيت/ 87.

17ـ سورت عنڪبوت، آيت/ 8.

18ـ سورت نساء، آيت/ 19.

19ـ سورت ضحى، آيت/ 9 ـ 10.

20ـ سورت لقمان، آيت/ 18ـ 19.

21ـ سورت اسراء، آيت/ 34.

22ـ سورت اسراء، آيت/ 35.

23ـ سورت بقره، آيت /5.

24ـ سورت بقره، آيت/ 6.

25ـ وسائل الشيعه، جلد 6، صفحو 16.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found