جمع, 16 نومبر 2018 - Fri 11 16 2018

Menu

قصا قرب وارن جا


تحرير: نظير احمد بهشتي 
ان طالبعلم جي شادي کي 5 سال ٿي ويا هئا ليڪن اڃا تائين سندس گهر جو اڱڻ ڄڻ ته اجڙيل پئي نظر آيو. اولاد کان بغير ڀلا ڪهڙي ازدواجي زندگي. جي مڙس ڪمن ڪارين جي سلسلي ۾ گهر کان ٻاهر ٿو نڪري ته زال اداس ۽ ويڳاڻي ٿي ويٺي آهي. بوريت سندس سنڌ سڪائي ٿي ڇڏي. ٻئي هٿ مٿي کڻي اهو عرض ٿي ڪري اي پاڪ پالڻهار توکي واسطو آهي سائڻ ام رباب جي اجڙيل جهولي جو منهنجي جهولي کي اولاد جي نعمت سان آباد فرما. اڄ اوچتو سندس گهر واري پنهنجي طبيعت ۾ تبديلي محسوس ڪندي کيس چئي ٿي ته مون کي ڊاڪٽرياڻي ڏانهن وٺي هل الاءِ ڇو مٿي ۾ ڦيري ۽ اوڪارن سبب هيانءُ ماندو ٿو ٿئيم. زال جي ڳالھ ٻڌي خوشي ۾ ذري گهٽ هنبوشيون هڻڻ ٿو لڳي. ڇو جو کيس خبر پئجي ٿي وڃي ته زال جي اها ناچاڪائي سندس اڱڻ جي سونهن وڌائڻ ۾ سورنهن آنا ثمر آور ٿي سگهي ٿي. تڪڙ ۾ ٽئڪسي ڪرائي تي ڪري زال سميت اسپتال ٿو پهچي. جتي کيس خبر ڏني ٿي وڃي ته اوهان جا اندازا بلڪل درست آهن، اوهان جو اڱڻ اجرڻ وارو آهي ۽ اوهان عنقريب اولاد جي نعمت سان مالا مال ٿيڻ وارا آهيو. ڏينهن گزرندا رهيا خبر ئي نه پئي جو سندس سپنا ساڀيان ٿيڻ جو وقت قريب اچي ويو. اڄ جيئن ئي گهر پهتو ته زال کي سخت سورن ۾ تڙپندو ڏٺائين يڪدم ڪرائي واري ڪار گهرائي اسپتال جو رخ ڪيائين. جيئن ئي اسپتال پهتو ته کيس چيو ويو ته تنهنجي گهر واري کي ايڊمٽ ٿا ڪريون جو سندس آپريشن ٿيندو. يڪدم اهڙي عورت گهراءِ جيڪا سندس خيال به رکي ۽ ڊاڪٽرياڻين سان لھ وچڙ ۾ به هجي. کيس ڳڻتي وڪوڙي وڃي ٿي ۽ شدت سان کيس وطن ياد ٿو اچي ته ڪهڙي ريت اتي مشڪل گهڙي ۾ عزيز قريب گڏ ٿي ويندا آهن ۽ ماڻهو ايتريقدر آٿت محسوس ڪندو آهي جو سندس سڀ پريشانيون ختم ٿي وينديون آهن. پر هتي پرديس ۾ هو اهڙي عورت ڪٿان آڻي جيڪا سندس گهر واري جي مونس ۽ مددگار ٿئي. پريشاني جي عالم ۾ اٺين امام علي رضا عليه السلام جي پرديسي ڀيڻ فاطمه معصومه سلام الله عليها سان توسل ٿو ڪري ته ڪجھ گهڙيون بعد سندس چهري مان اميد جا آثار ظاهر ٿيڻ شروع ٿين ٿا. ان ڪري جو کيس هڪ ٻئي پرديسي دوست جي ڪيئي مهينا اڳ ڪيل ڳالھ سندس ذهن ۾ تري اچي ٿي ته اسان هتي پرديس ۾ جڏهن ڪٿي اسپتال ۾ پنهنجي گهرواريءَ کي وٺي ويندا آهيون ۽ اتي کيس ڪنهن مونس ۽ مددگار جي ضرورت هوندي آهي ته فلاڻي سينيئر دوست سان رابطو ڪندا آهيون. جيڪو ڪنهن کي سڃاڻي يا نه سڃاڻي پر اهڙي مشڪل گهڙي ۾ فورن پنهنجي گهرواري کي وٺي اچي ان شخص جي هر ممڪنه مدد ڪندو آهي. اميد ۽ خوف جي حالت ۾ موبائيل تان ان سينيئر دوست جو نمبر ملائي ٿو ۽ سلام ورائڻ کان يڪدم پوءِ ساڻس پنهنجي مشڪل ذڪر ڪري ٿو. ٻئي پاسي کان کيس چاهت کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ محبت ڀريو جواب مليس ٿو ته ادا اوهان ڳڻتي نه ڪريو ۽ مان پنجن منٽن ۾ پنهنجي گهر واريءَ سميت پهچان ٿو. موبائيل تي اينڊ ڪال وارو بٽڻ دٻائڻ کان پوء کيسِ اهو احساس ٿئي ٿو ته: واقعاََ دنيا ۾ اڄ به اهڙا انسان موجود آهن جن جي ڪردار مان اعلي انساني اقدار جي تجلي نظر اچي ٿي.

جيڪي پنهنجي توڙي پرائي جي فرق بغير انسان ذات جي خدمت لاءِ هر وقت هيڏي هوڏي نهاريندي نظر ٿا اچن. ها دوستو اڄ جڏهن ان ئي سينيئر دوست جي اوچتي لاڏاڻي جي کيس خبر ملي ته هڪ ڀيرو کيس ائين محسوس ٿيو ڄڻ نياز ۽ نوڙت ذريعي نيڪيون ڪمائڻ جو مقابلو ختم ٿي ويو. محبت ۽ پيار جو پيڪر کانئس الڳ ٿي ويو. پنهنجي پوري ڄمار نيڪيون ڪمائي نرالو مقام ماڻي ورتائين. غلام علي جعفري حقيقي معني ۾ اسم با مسمي هئو علي عليه السلام جو حقيقي غلام ۽ امام جعفر صادق عليه السلام جو حقيقي پيروڪار، مشڪل گهڙي ۾ پنهنجن رٿيل پروگرامن کي پوئتي ڪري يڪدم طلاب جي مشڪل کي حل ڪرڻ لاءِ ميدان تي اچڻ وارو انسان. 
الله سائين به کيس ايترو ئي نوازيو جو سندس تشييع جنازه ۾ علماءِ ڪرام، طلاب عظام، زوارن ۽ نيڪ انسانن حصو ورتو. سائڻ معصومه فاطمه سلام الله عليها جي حرم ۾ سندس جنازي نماز ٿي ۽ اهل بيت عليهم السلام جي آکيري قم المقدسه جي بهشت معصومه قبرستان ۾ کيس دفن ڪيو ويو. 
مٿس اڻ ڳڻيا سلام هجن.

 

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found