جمع, 16 نومبر 2018 - Fri 11 16 2018

Menu

عيد الاضحي ۽ قرباني جي تاريخ، فلسفو ۽ فضيلت

تحرير: اسد رضا چانڊيو

مهاڳ

قرباني کي عربي زبان ۾ اضحيه سڏيندا آهن.(1)  ان ڪري ئي ذي الحج جي ڏهين تاريخ کي جنهن ۾ قرباني ٿيندي آهي، عيد الاضحي سڏيو ويندو آهي.

قرباني جا قسم

بنيادي طور تي قرباني جا ٻه قسم آهن. 1: واجب قرباني 2: مستحب قرباني

واجب قرباني: جيڪا واجب حج ڪندڙ حاجي تي واجب ٿيندي آهي. جنهن جو وقت عيد جي ڏينهن کان تيرهين ذي الحج تائين آهي.

مستحب قرباني: جيڪا دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪئي ويندي آهي جنهن جو وقت عيد جي ڏينهن کان ٻارهين ذي الحج تائين آهي.

فقهي اصطلاح مطابق قرباني ان جانور کي سڏيندا آهن جنهن کي عيد جي ڏينهن کان وٺي ٻارهين يا تيرهين ذي الحج تائين واجب يا مستحب قرباني جي عنوان سان ذبح يا نحر ڪيو وڃي.(2) ڪجھ عالمن قرباني کي مستحب سان مخصوص ڪيو آهي. انهن جو چوڻ آهي ته واجب ذبح کي قرباني ناهي چيو ويندو.

قرآني اصطلاح مطابق هر اهو حيوان جنهن کي واجب يا مستحب عنوان سان ڪڏهن به جيئن حج جي زماني يا ذي الحج جي مهيني ۾ مِنى جي مقام تي يا ان کان علاوه ٻئي ڪنهن مقام تي الله سائين جي رضا ۽ تقرب خاطر ذبح ڪيو وڃي ان کي قرباني سڏيو ويندو آهي. قرباني واري جانور لاءِ قرآن مجيد ۾ مختلف لفظ آندا ويا آهن جيئن بُدن، بهيمة الانعام، قلائد، منسک، هدی، نحر.

قرباني جي تاريخ

سڀن کان پهرين قرباني کي قرآن مجيد هن ريت بيان ڪيو آهي:

وَ اتْلُ عَلَيْهِمْ نَبَأَ ابْنَيْ آدَمَ بِالْحَقِّ إِذْ قَرَّبا قُرْباناً فَتُقُبِّلَ مِنْ أَحَدِهِما وَ لَمْ يُتَقَبَّلْ مِنَ الْآخَرِ قالَ لَأَقْتُلَنَّكَ قالَ إِنَّما يَتَقَبَّلُ اللَّهُ مِنَ الْمُتَّقين‏.

(اي رسول!) تون انهن ماڻهن کي آدم عليه السلام جي ٻن پٽن (هابيل ۽ قابيل) جو قصو پڙهي ٻڌاءِ. ته جڏهن انهن ٻنهين خدا جي نالي تي نياز ڪيو، ته هنن مان هڪ (هابيل) جو (نذر ته) قبول ڪيو ويو ۽ ٻئي (قابيل) جو قبول نه ڪيو ويو. (ته ساڙ کان هابيل کي چوڻ لڳو ته آءُ تو کي ضرور ماري ڇڏيندس. هن چيس ته (ادا، ان ۾ منهنجو ڪهڙو قصور آهي) خدا ته فقط پرهيزگارن جو نذر قبول ڪندو آهي.(3)

قرباني جي ابتدا حضرت آدم عليه السلام جي ٻن پٽن کان ٿئي، جن مان هڪ (هابيل) جي قرباني قبول ٿئي ۽ ٻئي (قابيل) جي نه ٿي.

قرآن مجيد قرباني جي قبوليت جو ڪارڻ تقوي ۽ قبول نه ٿيڻ جو ڪارڻ تقوي جي نه هجڻ کي ڄاڻايو آهي.

قرباني جي ابتدا حضرت آدم عليه السلام جي پٽن کان ٿئي جيتوڻيڪ قرباني اتي ختم نه ٿئي بلڪ قرباني ان ڏينهن کان پوءِ سڀني امتن ۾ هلندي رهي جيئن قرآن مجيد ۾ آهي:

وَ لِكُلِّ أُمَّةٍ جَعَلْنا مَنْسَكاً لِيَذْكُرُوا اسْمَ اللَّهِ عَلى‏ ما رَزَقَهُمْ مِنْ بَهيمَةِ الْأَنْعامِ فَإِلهُكُمْ إِلهٌ واحِدٌ فَلَهُ أَسْلِمُوا وَ بَشِّرِ الْمُخْبِتين‏.

۽ سڀ ڪنهن امت لاءِ اسان قربانيءَ جو طريقو مقرر ڪيو آهي هن لاءِ ته جيڪو چوپايو مال خدا کين ڏنو آهي، تنهن تي (ذبح وقت) الله جو نالو پڙهن. نيٺ ته اوهان جو معبود هڪ الله آهي سو سندس ئي فرمانبردار ٿيو. ۽ (اي پيغمبر) عاجزي ڪندڙن کي خوشخبري ٻڌاءِ.(4)

ايسيتائين جو قرآن مجيد جي چوڻ مطابق ڪجھ امتن ۾ پنهنجي ٻارن جي قرباني ڪرڻ جو رواج پڻ هو. حضرت ابراهيم عليه السلام ان غلط رواج کي ختم ڪيو ۽ جانور جي قرباني ڪيائون.

جاهليت واري دور ۾ قرباني بُتن جي سامهون ڪئي ويندي هئي. حضرت ابراهيم عليه السلام قرباني کي الله سائين جي راضپي ۽ قرب سان مخصوص ڪيو. دور جاهليت جي غلط رسمن کي حضرت ابراهيم عليه السلام ختم ڪيو جيئن قرباني جي گوشت کي حرام سمجهڻ جڏهن ته اسلام قرباني جي گوشت کي کائڻ نه صرف جائز بلڪ مستحب قرار ڏنو آهي يا جيئن بني اسرائيل آسمان مان باھ جي اچڻ کي قرباني جي قبوليت ڪوٺيندا هئا. الغرض قرباني جو حڪم سڀني امتن لاءِ هو قرباني جو مقصد ۽ فلسفو الله سائين جي حڪم جي اطاعت آهي. قرباني سان الله سائين جو ذڪر ٿئي ٿو، الله سائين جي ياد اچي ٿي. قرباني تي الله سائين جو نالو کڻڻ ۽ الله سائين جي رضا جي خالص نيت جو دل ۾ هجڻ ضروري آهي. جڏهن ته گمراھ امتن جا ماڻهو بُتن جي سامهون قرباني ڪرڻ کي الله سائين جي قرب جو سمجهندا هئا.

عيد الاضحي، سڀني مسلمانن جي عيد

نائين يا ڏهين ذي الحج جي رات حضرت ابراهيم عليه السلام تي وحي ٿي. ڏهين جي ڏينهن الله سائين جي رضا خاطر پنهنجي پٽ کي مڪي جي ويجهو مِنى نالي مقام ۾ وٺي وڃي قربان ڪري!  اي ابراهيم! تون ان عظيم امتحان کان بچي وئين هاڻي پنهنجي پٽ کي ڇڏي ڏئي ۽ ان جي جاءِ تي جنت مان تحفي طور موڪليل رڍ کي قربان ڪر.(5) حضرت ابراهيم عليه السلام تمام گهڻا خوش ٿيا، پنهنجي پٽ کي چمڻ لڳا ۽ ان جي جاءِ تي جنت مان موڪليل رڍ کي ذبح ڪيائون ان ڏينهن کي عيد الاضحي يا عيد قربان چوندا آهن.

حج ۾ دين اسلام جي سڀني عبادتن جو مثال موجود آهي. حج ظاهري طور تي مختلف عبادتن جو مجموعو آهي جيتوڻيڪ سڀني عبادتن جو روح هڪ آهي. شروع کان پڄاڻي تائين حج هڪ عبادت آهي جنهن ۾ الله سائين جي رضا شرط آهي. جيڪڏهن الله سائين جي رضا جو عنصر نه هجي ته ڪا به عبادت قبول نه آهي. ڇو جو سڀني عبادتن جو مقصد الله سائين جو تقرب آهي. الله سائين جي تقرب جو مثال قرباني ۾ چڱي نموني ظاهر آهي. ڇو جو قرباني هڪ سنت، هڪ واقعي، هڪ چونڊيل انسان جي عمل جي ياد آهي جيڪو تسليم ۽ رضا جي ان عظيم مقام تي فائز هو جو الله سائين جي رضا ۽ تقرب خاطر  پنهنجي سڀن کان پياري شي کي قربان ڪرڻ جو پڪو پھ ڪيائين.

قرباني جي عيد حقيقت ۾ بندگي جي عيد آهي، انسان پنهنجي نفس ۽ نفساني خواهشن کان پاسو ڪري الله سائين جي بندگي ۾ اچي وڃي. عيد قربان جي سج جو اڀرڻ پوري دنيا لاءِ هڪ نئي زندگي، هڪ نئي خدائي رنگ سان رنگجڻ ۽ الله سائين سان تقرب حاصل ڪرڻ جو اعلان آهي.

عيد قربان، حج اڪبر جو ڏينهن

معاويه ابن عمار، امام جعفر صادق عليه السلام کان حج جي وڏي ڏينهن بابت سوال ڪيو: مولا حج اڪبر وارو ڏينهن ڪهڙي ڏينهن کي ڪوٺيو ويندو آهي؟ امام جعفر صادق عليه السلام جواب ۾ ارشاد فرمايو: اهو عيد قربان جو ڏينهن آهي.(6)

هن لحاظ کان جو توحيد جي تجلي، تسليم ۽ رضا جو معراج، حج ۾ چگي نموني نروار آهي ۽ اهو ڏينهن عيد قربان جو آهي.

هڪ روايت ۾ امام علي عليه السلام کان منقول آهي: هر اهو ڏينهن جنهن ۾ انسان الله سائين جي نافرماني نه ڪري عيد جو ڏينهن آهي. ڇو الله سائين جي نافرماني ڪرڻ سان انسانن ۾ اختلاف ۽ وڙهاند پوندو آهي جنهن سبب انسانن جو سڪون ختم ٿيندو آهي ۽ سڪون جو ختم ٿيڻ، خوشي ۽ عيد جي مخالف آهي.

عيد قربان روايتن جي روشني ۾

رسول اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم ارشاد فرمائن ٿا:

مَن أحیَا اللَّیالِیَ الأَربَعَ وَجَبَت لَهُ الجَنَّةُ : لَیلَةَ التَّروِیَةِ، و لَیلَةَ عَرَفَةَ، و لَیلَةَ النَّحرِ ، و لَیلَةَ الفِطرِ.

جيڪو به چئن راتين ۾ جاڳي الله سائين جي عبادت ڪري ان تي جنت واجب آهي يوم ترويه (8 ذي الحج) جي رات ، يوم عرفه (9 ذي الحج) جي رات ، عيد قربان جي رات ۽ عيد فطر جي رات.(7)

حضرت امام علي عليه السلام فرمائن ٿا: رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم عيد قربان جي خطبي ۾ ارشاد فرمايو:

هذا يَومُ الثَّجِّ والعَجِّ

 اڄو ڪو ڏينهن قرباني ۽ دعا جو ڏينهن آهي. ثج قرباني جي رت کي چوندا آهن. جنهن به الله سائين جي رضا لاءِ خالص نيت سان قرباني ڪئي ان قرباني جي رت جو پهريون قطرو ان جي سڀني گناهن جو ڪفارو بڻجي وڃي ٿو. ۽ عج دعا کي چوندا آهن. الله سائين جي بارگاه ۾ دعا ڪيو. مونکي قسم آهي ان ذات جو جنهن جي قبضي قدرت ۾ محمد ( صلي الله عليه وآله وسلم) جي جان آهي. اڄ ڪو به بخشش بغير خالي نه موٽندو سواءِ ان شخص جي جيڪو گناه ڪبيره انجام ڏئي ۽ ڏيندو رهي ۽ ان گناه کي ترڪ نه ڪرڻ جو پڪو پھ ڪري.(8)

عبدالرحمن بن حجاج نقل ڪن ٿا: امام جعفر صادق عليه السلام ارشاد فرمايو:

مَن زارَ قَبرَ الحُسَینِ ع لَیلَةً مِن ثَلاثٍ غَفَرَ اللّه ُ لَهُ ما تَقَدَّمَ مِن ذَنبِهِ وما تَأَخَّرَ» . قُلتُ : أیُّ اللَّیالی ـ جُعِلتُ فِداکَ! ـ؟ قالَ : «لَیلَةُ الفِطرِ، ولَیلَةُ الأَضحی، ولَیلَةُ النِّصفِ مِن شَعبانَ

جيڪو به ٽن راتين ۾ امام حسين عليه السلام جي قبر جي زيارت ڪندو الله سائين ان جا اڳيان پويان سڀ گناھ معاف ڪري ڇڏيندو. مون سوال ڪيو: مولا مان توهان مٿان قربان. اهي ڪهڙيون راتيون آهن؟ امام عليه السلام ارشاد فرمايو: عيد فطر جي رات، عيد قربان جي رات ۽ پندرهين شعبان جي رات.(10)

رسول اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم ارشاد فرمائن ٿا:

مَن قامَ لَیلَتَیِ العیدَینِ مُحتَسِبا للّه ِ، لَم یَمُت قَلبُهُ یَومَ تَموتُ القُلوبُ.

جيڪو شخص عيد فطر ۽ عيد قربان جي رات الله سائين جي رضا خاطر عبادت ڪندو ته جنهن ڏينهن سڀ دل مري ويندا ان جو دل زندھ رهندو.(11)

امام جعفر صادق عليه السلام فرمائن ٿا: عيد جي ڏينهن، رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم کان سوال ڪيو ويو: بهتر هو عيد جي نماز مسجد ۾ پڙهو ها. پاڻ فرمايائون: عيد جي نماز لاءِ کليل آسمان هيٺان اچڻ مونکي پسند آهي.(12)

روايت ۾ آهي ته امام علي عليه السلام عيد جي ڏينهن تڪبيرون چوندي گهر مان ٻاهر ايندا هئا ۽ ايسيتائين تڪبيرون چوندا هئا جيسيتائين ڪوفي شهر کان ٻاهر عيد جي نماز جي جگهه تائين پهچن.(13)

رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم فرمائن ٿا: عيد فطر ۽ قربان جي ڏينهن زمين تي الله سائين جي رحمت وسندي آهي. عيد جي ڏينهن پنهنجي گهران ٻاهر اچو ته جيئن توهان تي الله سائين جي رحمت وسي.

عيد قربان مسلمانن ۾ اتحاد جو ڏينهن

اسان نماز عيد جي قنوت جي مخصوص دعا ۾ پڙهندا آهيون :

اللهم انی اسألک بحق هذا الیوم الذی جعلته للمسلمین عیداً و لمحمد ص ذخراً و شرفاً و کرامتاً و مزیداً...؛

منهنجا پالڻهار! مان توکان سوال ڪيان ٿو هن ڏينهن جي واسطي جنهن کي تو مسلمانن لاءِ عيد قرار ڏنو آهي ۽ جيڪو ڏينهن محمد صلي الله عليه وآله وسلم جي شرف ۽ ڪرامت ۾ واڌاري جو سبب آهي. هن دعا مان معلوم ٿيو ته عيد صرف مومنن سان مخصوص ناهي بلڪ عيد سڀني مسلمانن جو حق آهي. اتان اسان جو عقيدو به واضح ٿيو ته عيد اتحاد ۽ ايڪي جو نالو آهي جنهن ۾ سڀئي مسلمان گڏجي الله سائين جي مضبوط رسي کي پڪڙن جيڪو اسلام جو هڪ اهم اجتماعي حڪم آهي. هن ڳالھ مان واضح ٿيو ته عيد قربان جي فضيلت حج جي ڪري آهي جنهن جو اهم درس عبوديت سان گڏو گڏ مسلمانن ۾ اتحاد ۽ ايڪو آهي. هي عظيم ڏينهن سڀني مشرڪن، شيطانن کان ڌار ٿيڻ جو ڏينهن آهي هن اهم مقصد جو پورو ٿيڻ مسلمانن جي اتحاد ۽ ايڪي کان بغير ممڪن نه آهي. يعني هر مسلمان چاهي ڪنهن به فڪر ۽ مسلڪ جو هجي سڀئي اختلاف وساري اسلام جي جهنڊي هيٺ گڏ ٿئي.

قرباني جو فلسفو

حج دين اسلام جو هڪ رڪن آهي جنهن جا اسلامي معاشري تي عبادي ۽ اجتماعي تمام گهڻا اثر آهن. انسان حج وسيلي پنهنجي معنوي تربيت ڪري سگهي ٿو.

حج ڪجھ عملن تي مشتمل آهي جن مان هڪ قرباني آهي جيڪا الله سائين جي رضا خاطر هجي.

عيد قربان جي ڏينهن قرباني ڪرڻ وارو، قرباني واري جانور جي هر عضوي بدلي  پنهنجي ان عضوي کي جهنم جي باھ کان آزادي ڏياري ٿو.

قرباني جو فلسفو الله سائين جي رضا آهي. قرباني ڪرڻ، الله سائين سان محبت جي دليل آهي ڇو جو انسان جيتري قدر الله سان محبت ڪندو ايتري قدر پياري شي ان جي راھ ۾ قربان ڪندو آهي.

انسان حقيقت ۾ قرباني جي جانور ذبح ڪرڻ ذريعي پنهنجي برين عادتن کي ختم ڪندي شهوت پسند نفس کي ذبح ڪري ٿو.

حضرت ابراهيم عليه السلام چئن جانورن کي ذبح ڪيو.(14) ڪڪڙ، حرام شهوت جي نشاني آهي. بدڪ حرام کائڻ جي نشاني آهي. ڪانءُ دنيا جي مال سان محبت جي نشاني آهي. مور تڪبر ۽ قدرت طلبي جي نشاني آهي. حضرت ابراهيم عليه السلام انهن حيوانن کي ذبح ڪري حقيقت ۾ انهن برين صفتن کان پنهنجي پاڻ کي آزاد ڪيو ۽ ان قرباني ذريعي پنهنجي روحانيت ۽ معنويت ۾ اضافوڪيو.

قرباني جا آثار ۽ فائدا

قرباني جا جيڪي آثار ۽ فائدا قرآن ۽ روايتن م ذڪر ٿيا آهن تن جو خلاصو هي آهي ته قرباني سان الله جو ذڪر ٿئي ٿو، قرباني هڪ عظيم انسان جي ياد آهي، عيد قربان جو ڏينهن حقيقت ۾ عطا ۽ بخشش جو ڏينهن آهي. قرباني سان خبر پوي ٿي ته انسان الله جي حڪم اڳيان تسليم ٿئي ٿو يا نه. قرباني سان خلوص ۽ ايمان وڌي ٿو، انسان شڪ ۽ شيطان جي وسوسي کان ڇوٽڪارو پائي ٿو.

خلوص

قرآن مجيد ۾ آهي:

لَنْ يَنالَ اللَّهَ لُحُومُها وَ لا دِماؤُها وَ لكِنْ يَنالُهُ التَّقْوى‏ مِنْكُمْ كَذلِكَ سَخَّرَها لَكُمْ لِتُكَبِّرُوا اللَّهَ عَلى‏ ما هَداكُمْ وَ بَشِّرِ الْمُحْسِنين‏.

خدا کي نه انهن (قربانين) جو گوشت پهچي ٿو ۽ نه انهن جو رت پر وٽس اوهان جي پرهيزگاري پهچي ٿي. خدا انهن جانورن کي (ان لاءِ) اوهان جي وس ۾ ڪيو اٿس ته جيئن اوهان کي هدايت ڪئي اٿس تئين اوهين الله جي وڏائي بيان ڪريو. ۽ (اي رسول) نيڪي ڪرڻ وارن کي (بهشت جي) خوشخبري ٻڌاءِ.(15)

تقوى

 انسان تقوي حاصل ڪري ٿو ۽ تقوي سان هر شي حاصل ٿئي ٿي جيئن علم، مغفرت، ڪاميابي ۽ الله سائين جي لطف ۽ ڪرم واري نظر ته وڏو انعام آهي.

قرآن مجيد ۾ آهي:

وَ اتَّقُوا اللَّهَ وَ يُعَلِّمُكُمُ اللَّهُ وَ اللَّهُ بِكُلِّ شَيْ‏ءٍ عَليمٌ.(16) ۽ خدا کان ڊڄو خدا توهان کي (معاملي جي صفائي) سيکاري ٿو ۽ اهو هر ڳالھ کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو.

قرآن مجيد ۾ ٻئي جاءِ تي ارشاد آهي:

يا أَيُّهَا الَّذينَ آمَنُوا إِنْ تَتَّقُوا اللَّهَ يَجْعَلْ لَكُمْ فُرْقاناً وَ يُكَفِّرْ عَنْكُمْ سَيِّئاتِكُمْ وَ يَغْفِرْ لَكُمْ وَ اللَّهُ ذُو الْفَضْلِ الْعَظيم‏.(17)

اي ايمان وارو جيڪڏهن اوهين الله کان ڊڄندا رهندو ته اوهان ۾ (حق کي باطل کان) جدا ڪندڙ طاقت پيدا ڪندو ۽ اوهان جي طرفان اوهان جي گناهن جو ڪفارو بڻائيندو پڻ اوهان کي معاف ڪندو. ۽ خدا وڏي فضل (۽ ڪرم) وارو آهي.

قرباني سان عظيم مقام حاصل ٿئي ٿو

إِنَّا أَعْطَيْناكَ الْكَوْثَرَ فَصَلِّ لِرَبِّكَ وَ انْحَرْ إِنَّ شانِئَكَ هُوَ الْأَبْتَر.(18)

(اي رسول) بيشڪ اسان تو کي ڪوثر عطا ڪيو. ته تون پنهنجي پالڻهار لاءِ نماز پڙھ ۽ قرباني ڪندو رھ. بيشڪ تنهنجو دشمن بي نسل آهي.

عيد قربان جي ڏينهن امام زين العابدين عليه السلام جي دعا

امام زين العابدين عليه السلام عيد قربان جي ڏينهن جي تمام بهترين دعا بيان ڪئي آهي، جيڪا عظيم مطلبن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ مولا عليه السلام الله سائين جي حمد بيان ڪئي آهي. دعا ۾ ڌڻي سڳوري در انسان خضوع ۽ خشوع سان راز ۽ نياز ڪري رهيو آهي.

اللّهُمَّ هذا یَومٌ مُبارَکٌ مَیمونٌ، وَالمُسلِمونَ فیهِ مُجتَمِعونَ فی أقطارِ أرضِکَ، یَشهَدُ السّائِلُ مِنهُم وَالطّالِبُ وَالرّاغِبُ وَالرّاهِبُ، وأنتَ النّاظِرُ فی حَوائِجِهِم.

منهنجا پالڻهار! اڄ خوشي ۽ برڪت جو ڏينهن آهي. اڄ تنهنجي ڌرتي تي تنهنجا ٻانها گڏ ٿيا آهن، سڀ تو کان ئي سوال ڪن ٿا، سڀ تو کان ئي طلب ڪن ٿا، سڀني جي تو ۾ ئي اميد آهي، سڀ تو کان ئي ڊڄن ٿا تون ئي سڀني جي حاجتن کي ڏسڻ وارو ۽ پورو ڪرڻ وارو آهين.(19)

قرباني عشق جي نشاني

هر انسان ۾ هڪ نفس اماره موجود آهي. جيڪو ان کي گمراه ڪري ٿو. براين، بڇڙاين جو حڪم ڏئي ٿو. ڪڏهن ته اهو نفس ايترو سَگهو بڻجي وڃي ٿو جو پاڻ کي انسان جو معبود ٿو بڻائي. اهڙو انسان نفس جو ٻانهو بڻجي وڃي ٿو. اهڙي نفس کي مارڻ لاءِ قرباني ڪرڻ ضروري آهي. جيئن انسان ۾ نفس اماره نه رهي. انسان ان جو ٻانهو نه ٿئي بلڪ انسان ان تي قابو ڪري نفس الاهي حاصل ڪري ۽ الله سائين جو خالص ٻانهو بڻجي وڃي. جيڪي انسان عيد قربان ۾ منى جي مقام تي يا ٻئي هنڌ قرباني ڪن ٿا، قرآني تعليمات تي عمل ڪن ٿا، اهي حقيقت ۾ پنهنجي شيطاني نفس کي ذبح ڪن ٿا، تقوي حاصل ڪن ٿا.

الله سائين جي سوا هر پياري شي کي قربان ڪجي صرف الله سائين معشوق هجي. انسان الله سائين جو عاشق هجي باقي سڀني معشوقن کي قربان ڪجي. الله سائين جي محبت سببان اها قرباني انسان کي نجات ۽ آزادي بخشي ٿي. آخر ۾ دعا آهي الله سائين اسان سڀن جون قربانيون قبول ڪري. آمين

..........................................

حوالا

  1. المعجم الفارسي الڪبري ج3
  2. الحدائق الناضره، و جواهر الکلام

3. سوره مائده آيه 27

4. سوره حج آيه 34

5. سوره صافات، آيه 101 کان 113

6. حج و عمره در قرآن و حديث ص 455

  1. کتاب حج و عمره در قرآن و حديث ص343
  2. کتاب حج و عمره در قرآن و حديث ص 361

9. کتاب موسوعه امام علي فارسي ج9 ص 355

  1. مراقبات ماه رمضان ص463
  2. مراقبات ماه رمضان ص465
  3. مراقبات ماه رمضان ص 487
  4. مراقبات ماه رمضان ص485

14. سوره بقره، آيت 260

15. سوره حج آيه 37

16. سوره بقره آيه 282

17. سوره انفال آيه 29

18. سوره ڪوثر

  1. خير و برڪت از نگاه قرآن و حديث ص519

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found