جمع, 16 نومبر 2018 - Fri 11 16 2018

Menu

حج جي اهميت ، آثار ۽ فلسفو

تحرير: ظفر علي تسنيمي

مهاڳ

حج ، اسلامي شريعت جي واجبن منجهان هڪ واجب عمل آهي. قرآن ڪريم ۽ سنت به پڻ  حج جي واجب هجڻ جي وضاحت ڪئي آهي. الله سائين سوره آل عمران جي آيت 97 ۾ فرمايو آهي:

فيهِ آياتٌ بَيِّناتٌ مَقامُ إِبْراهيمَ وَ مَنْ دَخَلَهُ كانَ آمِناً وَ لِلَّهِ عَلَى النَّاسِ حِجُّ الْبَيْتِ مَنِ اسْتَطاعَ إِلَيْهِ سَبيلاً وَ مَنْ كَفَرَ فَإِنَّ اللَّهَ غَنِيٌّ عَنِ الْعالَمين‏

هن ۾ (عزت ۽ حرمت جون) ڪيتريون ئي ظاهر ۽ روشن نشانيون آهن (انهن مان) مقام ابراهيم آهي (جتي سندس قدمن مان پٿر تي نشان آهن) ۽ جو هن گهر ۾ داخل ٿيو امن ۾ اچي ويو. ۽ الله لاءِ خانه ڪعبه جو حج انهن ماڻهن تي لازم آهي جن کي ڏانهس واٽ وڃڻ جي سگهه آهي، ۽ جنهن انڪار ڪيو ( ته خدا کي پرواه ناهي) ڇو ته الله جهانن کان بي پرواھ آهي.(1)

اهڙي ئي نموني حضرت امام علي عليه السلام نهج البلاغه جي پهرئين خطبي ۾ فرمائن ٿا: الله سائين اوهان تي بيت الحرام جو حج واجب ڪيو آهي جيڪو ماڻهن جو قبلو آهي (2)

الله سائين جا ماڻهن تي حق هي آهن ته جيڪي استطاعت ۽ طاقت رکن ٿا اهي الله سائين جي گهر جي زيارت لاءِ وڃن.

حج جي واجب هجڻ جا شرائط

1: بالغ هجي

2: عاقل هجي

3: آزاد هجي ڪنهن جو غلام نه هجي

4: حج ڪرڻ لاءِ وقت هجيس ( يعني حج جي موسم به هجي)

5: رستي ۾ جان ۽ مال جو خطرو ۽ ڪا رڪاوٽ نه هجيس

6: استطاعت

حضرت امام جعفر صادق عليه السلام استطاعت جي وضاحت ڪندي فرمائن ٿا: استطاعت يعني جسماني صحت ۽ سلامتي سان گڏوگڏ سواري ۽ سفر جي سامان جو موجود هجڻ ، ان کان علاوه ايتري مال جو هجڻ جو پنهنجي گهر وارن لاءِ ڇڏيون وڃي ۽ حج جي سفر کان واپس موٽي اچڻ کان پوءِ به ڪجهه مال باقي هجيس ( جنهن سان کيس زندگي جو گذر ٿئي ) (3)

حج جي اهميت

حج ، مسلمانن تي لازم ڪيل حڪمن مان هڪ حڪم آهي. اسين روايتن ۾ پڙهون ٿا ته جيڪو شخص مرڻ گهڙي تائين حج کان انڪار ڪري ٿو يا غفلت ڪندي حج نٿو ڪري اهو قيامت جي ڏينهن يهودين ۽ مسيحين سان گڏ اٿاريو ويندو.

حج جي اهميت ان ڳالهه مان واضح ٿئي ٿي ته الله سائين (طاقت هوندي به) حج نه ڪرڻ واري کي يهودين ۽ مسيحين سان گڏ قيامت ڏينهن اٿاريندو. حج انهن پنجن رڪنن منجهان آهي جن کي اسلام جي بنياد قرار ڏنو ويو آهي. حضرت امام محمد باقر عليه السلام فرمائن ٿا:

بُنِيَ الْإِسْلَامُ عَلَى خَمْسٍ عَلَى الصَّلَاةِ وَ الزَّكَاةِ وَ الصَّوْمِ وَ الْحَجِّ وَ الْوَلَايَةِ..(4)

اسلام جي بنياد پنجن شين نماز، زڪوات ، حج ، روزي ۽ هلبيت جي ولايت تي رکي وئي آهي.

حضرت امام علي عليه السلام پنهنجي زندگي جي آخري ڏهاڙن ۾ حج بابت وصيت ڪندي فرمائن ٿا:

لا تترکوا حج بيت ربکم فهلکوا (5)

الله سائين جي گهر جي زيارت کي ترڪ نه ڪيو نه ته هلاڪ ٿي ويندؤ.

حضرت امام صادق عليه السلام فرمائن ٿا:

أما إنّ النّاس لَو تَرَكُوا حَجّ هذا الْبَيتِ نَزَلَ بِهِمُ الْعَذابُ وَ مَا نُوظرو (6)

ڄاڻي وٺو جڏهن ماڻهو الله سائين جي گهر جي زيارت ڪرڻ ڇڏي ڏيندا ته انهن تي عذاب نازل ٿيندو ۽ کين مهلت به نه ڏني ويندي.

انهن روايتن کان علاوه ٻين ڪيترين ئي روايتن منجهان حج جي اهميت واضح ٿئي ٿي هتي اختصار کي نظر ۾ رکندي ذڪر نه ٿا ڪيون.

حج جي ٻين عبادتن تي فضيلت

1: حج جي نماز ۽ روزي تي فضيلت : امام جعفر صادق عليه السلام فرمائن ٿا: منهنجا والد بزرگوار فرمائيندا هئا: حج ، نماز ۽ روزي کان افضل آهي ڇو جو نمازي فقط ڪجهه عرصي لاءِ پنهنجي گهر وارن کان جدا ٿي نماز ۾ مشغول ٿي ويندو آهي ۽ روزيدار فقط هڪ ڏينهن. ليڪن حاجي پنهنجي بدن کي سختين ۾ وجهي پنهنجي نفس کي رنج ۽ تڪليف ۾ مبتلا ڪندو آهي ، پنهنجو مال خرچيندو آهي ۽ گهڻي عرصي تائين پنهنجي گهر وارن کان پري رهندو آهي ۽ انهي دوران نه ئي ڪنهن کان مال ملڻ جي اميد ۽ نه ئي تجارت جي لالچ هوندي اٿس.(7)

2: حج جي صدقه تي فضيلت : امام جعفر صادق عليه السلام فرمائن ٿا : پاڻ سڳورن  صلي الله عليه و آله وسلم هڪ اعرابي سان مخاطب ٿيندي فرمايو: جيڪڏهن ابو قبيس جبل برابر به تو وٽ خالص سون هجي ۽ انکي الله سائين جي راهه ۾ خرچ ڪرين تڏهن به تون حاجي جي ثواب برابر ثواب حاصل نه ٿو ڪري سگهين (8)

حج جا آثار ۽ فلسفو

حج جي فلسفي طور ڪافي شيون بيان ڪيون ويون آهن اسان هتي ڪجهه پيش ڪري رهيا آهيون

حج ، الله سائين جي بندگي

حج الله سائين جي بارگاه ۾ نوڙت ۽ سندس راضپي ۾ راضي رهڻ جو نالو آهي ، عشق ، عبادت ۽ الله سائين جي فرمان جي فرمانبرداري آهي ، حج انسان جي الله سائين جي ٻانهي هجڻ جي نشاني ۽ سندس حڪم تي فرمانبردار رهڻ جي نشاني آهي، حج کي حج چيو ئي ان ڪري وڃي ٿو جو حج ڪاميابي آهي نه ته قدم قدم تي سوال آهن ته ڇو ڪعبي کي جبلن جي سرزمين تي ٺاهيو ويو؟ ڇو لباس بدن کان لاهي ڇڏيون؟ ڇو حج ۾ شڪار ۽ اهڙين ڪيترين ئي شين جي نه ڪرڻ جو حڪم آهي؟ ڇو وار ڪوڙائجن؟ ۽ اهڙا سوين سوال آهن.

حج آزمائش جو سبب

حضرت امام صادق عليه السلام فرمائن ٿا : خدا چاهي ها ته ڪعبي کي اهڙي زمين تي ٺاهي ها جتي هر سهولت موجود هئي پر صحرا ، بيابان ، دريائن کان پري ۽ هڪ جابلو زمين تي ٺاهيو ته جيئن پنهنجي بندن کي آزمائي ۽ خالص مومنن کي سڃاڻي.(9)

مڪو عبادت ۽ نبين جي دعوت جي جاءِ آهي. طويل تاريخ کان نمازين جو قبلو رهيو آهي ، حج جو سفر الله سائين ڏانهن حرڪت ۽ ڪوچ ڪرڻ آهي ، حج گناهن جي بخشش جو سبب ۽ نفس جي هوس کان دوري جو نالو آهي.

حج تڪبر جي ٽٽڻ جو نالو

انسان حج ۾ پسنديده لباس لاهي هڪ خاص اڇو لباس پائيندو آهي جڏهن پسنديده لباس لاهيندو آهي ته پنهنجي ڄمڻ واري وقت کي ياد ڪندو آهي ۽ جڏهن اڇو لباس پائيندو آهي ته پنهنجي مرڻ جي وقت کي ياد ڪندو آهي ته ڪيئن اڇو لباس پارائي کيس دفنايو ويندو.

حج نبين جي سنت کي زنده ڪرڻ

حج ، اها آزمائش جي جاءِ آهي جتي سڀني مڪتبن جي فڪر عمل ۾ تبديل ٿئي ٿي. مڪو حضرت جبرائيل  عليه السلام ۽ ٻين فرشتن جي نازل ٿيڻ جي جاءِ آهي ، هي جاءِ حضرت آدم  عليه السلام جي انس، حضرت ابراهيم عليه السلام جي ڪاريگري ۽ حضرت اسماعيل  عليه السلام جي مزدوري واري جاءِ آهي ، هي اها جاءِ آهي جتي رسول خدا  صلي الله عليه وآله وسلم،  بيبي خديجه  سلام الله عليها ۽ حضرت علي عليه السلام پهريون ڀيرو نماز کي جماعت سان ادا ڪيو.

حج آرام ڏيندڙ

زائر پنهنجي وطن کان پري مسافري جو احساس ڪندا آهن پر هتي مومنن جو وڏو دريا جيڪو هن عرفاني عبادت ۾ سياست ، حڪومت ۽ قدرت سان گڏ آهي پوءِ بي آرامي جو احساس ڇو ڪري. امام محمد باقر عليه السلام فرمائن ٿا:

.... والحَجُّ تَسکِینُ القُلوبِ (10)

حج دلين جي آرام جو باعث آهي.

حج ايمان جي اصلاح ۽ تقويت

هڪ حديث ۾ حضرت امام سجاد عليه السلام فرمائن ٿا: حج کي انجام ڏيو ڇو جو حج ۾ ئي تندرستي، رزق جي گهڻائي ، امن واري زندگي ۽ توهان جي ايمان جي اصلاح آهي. هن جملي تي ٿوري توجهه ڪيون ته معلوم ٿيندو حج جا سڀ عمل ۽ منظر ايمان جي اصلاح ۽ تقويت جو سبب آهن.

حج گناهن کان دوري

امام سجاد عليه السلام فرمائن ٿا:

حَقُّ الحَجِّ أن تَعلَمَ أنَّهُ وِفادَةٌ إلى رَبِّكَ و فِرارٌ إلَيهِ مِن ذُنوبِكَ و بِهِ قَبولُ تَوبَتِكَ و قَضاءُ الفرضِ الَّذي أوجَبَهُ اللّه ُ عَلَيكَ .(11)

حج جو حق هي آهي ته تو کي خبر هجڻ گهرجي حج خدا جي مهماني لاءِ وڃڻ ۽ گناهن کان دوري ڪندي خدا ڏانهن ڀڄڻ ، توبه جي قبول ٿيڻ جو سبب  ۽  پنهنجي فريضي کي ادا ڪرڻ آهي جيڪو تو تي الله واجب ڪيو آهي.

حج ۾ انسان خدا جو مهمان آهي ۽ خدا پنهنجي مهمان جي توبه قبول ڪندو آهي.

حج ڪرڻ سان پاڪائي حاصل ٿئي ٿي

هڪ حديث ۾ رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم فرمائن ٿا

 " حُجُّوا ، فَإِنَّ الْحَجَّ يَغْسِلُ الذُّنُوبَ كَمَا يَغْسِلُ الْمَاءَ الدَّرَنَ "(12)

حج ڪيو ، حج اهڙي نموني توهان کي گناهن کان پاڪ ڪندو جهڙي نموني پاڻي گندگي کان پاڪ ڪندو آهي.

امام محمد باقر عليه السلام فرمائن ٿا: جيڪو به حج يا عمري جو ارادو ڪندو آهي اهو گناهن کان ائين پاڪ ٿي ويندو آهي جيئن هينئر ماءُ جي پيٽ کان ڄائو آهي. پوءِ امام عليه السلام  هن آيت (13) جي تلاوت فرمائي.

حج ڪرڻ سان بي نيازي حاصل ٿئي ٿي

امام سجاد عليه السلام جن فرمائن ٿا:

حُجّوا وَ اعْتَمِروا تَصِحَّ اَبْدانُـكُمْ وَ تَتَّسِعْ اَرْزاقُكُمْ وَ تُـكْفَوْنَ مَؤوناتِ عِيالِكُمْ.(14)

حج ۽ عمرو ڪندؤ ته توهان جو جسم تندرست ، رزق ۾ گهڻائي ۽ توهان جي خاندان جا خرچا پورا ٿيندا.

حج سان نورانيت حاصل ٿئي ٿي

امام جعفر صادق عليه السلام فرمائن ٿا:

الحاج لا يزال عليه نورالحج مالم يلم ذنب (15)

حاجي سان گڏ حج جي نورانيت تيستائين رهندي جيسيتائين ڪنهن گناه سان پاڻ کي ميرو نه ڪري.

حج ۾ دين ۽ آخرت جي ڀلائي

رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم فرمائن ٿا: جيڪو شخص دنيا ۽ آخرت جي ڀلائي جو طلبگار آهي ته کيس گهرجي الله سائين جي گهر جي زيارت جو ارادو ڪري ان لاءِ ته اڃان بندو خدا کان دنيا (جي مال) بابت سوال ڪندو ئي ناهي مگر هي ته خدا کيس دنيا مان عطا ڪندو آهي ۽ آخرت (جي مال) بابت سوال ڪندو ئي ناهي مگر هي ته الله ان لاءِ آخرت ۾ ذخيرو ڪندو.(16)

حوالا

1. سوره آل عمران آيه 97

2. نهج البلاغه خطبه 1

3. الخصال ح 606

4. وسائل الشيعه ج 1 ص 7

5. وسائل الشيعه ج 1 ص 23

6. وسائل الشيعه ج 1 ص22

7. علل الشرائع ص 456

8. ثواب الاعمال ص 82

9. بحار الانوار ج 99 ص 29

10. ميزان الحڪمه ح 11074

11. الخصال ص 566

12. الفردوس ج 2 ص 13 ح 2664 ۽ عوالي اللالي ج 2 ص 161 ح 444

13. سوره بقره آيه 2 ۽ 3

14. الڪافي ج 4 ص 252 ح 1

15. الڪافي ج 4 ص 255 ح 11

16. الفقيه ج 2 ص 219 ح 2222

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found