جمع, 16 نومبر 2018 - Fri 11 16 2018

Menu

الله سائين جي عدالت ۽ دنياوي مشڪلاتون

تحرير: سيد اياز علي شاهه

خدا جي عدالت، اصول دين منجهان آهي. خدا جي صفتن منجهان هڪ صفت، عدالت آهي. خدا جون ٻيون به گھڻيون صفتون آهن مثال طور عالم، قادر، حڪيم، رحمان ۽ رحيم وغيره پوءِ صرف عدالت کي ڇو اصول دين ۾ آندو ويو آهي؟

عدالت، خدا جي هڪ اهڙي صفت آهي جو ٻيون سڀ صفتون ان ڏانهن موٽن ٿيون، مولاءِ ڪائنات اميرالمومنين حضرت علي بن ابي طالب عليه السلام جن فرمائن ٿا ته: الْعَدْلُ‏ يَضَعُ‏ الْأُمُورَ مَوَاضِعَهَا (1)

جيڪا شيءِ جنهن جڳهه تي رکڻ جي لائق هجي، ان کي اتي رکڻ عدل آهي، بس انهيءَ معنى ۾ خدا کي حڪيم، رزاق، رحمان ۽ رحيم وغيره چوڻ عين عدل آهي.

عدالت خدا جون معنائون

1: خدا عادل آهي ۽ ڪنهن تي به ظلم نٿو ڪري، هيءَ عدل جي مشهور معنى آهي.

2: خدا عادل آهي يعني خداوند متعال هر انهيءَ ڪم کان پري آهي جيڪو مصلحت ۽ حڪمت جي خلاف هجي.

3: عدل يعني سڀ انسان خدا جي نظر ۾ هر لحاظ کان هڪجهڙا آهن ۽ ڪو به ان جي نزديڪ ننڍو، وڏو يا بزرگ ناهي سواءِ متقي ۽ پرهيزگار جي

اِنَّ اَکْرَمَکُمْ عِنْدَ اللهِ اَتْقيکُمْ اِنَّ اللهَ عَلِيمٌ خَبِيرٌ (2)

 بيشڪ توهان سڀني منجهان خدا وٽ عزت وارو اهو ئي آهي جيڪو توهان سڀني کان وڌيڪ پرهيزگار آهي ۽ الله هر شيءِ کي ڄاڻڻ وارو، هر ڳالهه کان با خبر آهي.

4: عدل يعني خداوند متعال ڪنهن جي عمل کي به ضايع نٿو ڪري، چاهي اهو ڪيترو به ننڍو ڇو نه هجي، جئين ته پالڻهار جو ارشاد آهي:

فَمَنْ يَّعْمَلْ مِثْقَالَ ذَرَّةٍ خَيْرًا يَّرَه وَمَنْ ّيَعْمَلْ مِثْقَالَ ذَرَّۃٍ شَرًّا يَّرَه (3)

بس جيڪو انسان ذري برابر به نيڪي ڪندو انهيءَ کي ڏسندو ۽ جيڪو انسان ذري برابر به برائي ڪندو انهيءَ کي ڏسندو.

5: عدل يعني هر شيءِ کي سندس جڳهه تي رکڻ

الْعَادِلُ‏: الواضِعُ‏ُُُُ كلَ شي‏ء موضعَه (4)

 عادل اهو آهي جيڪو هر شيءِ کي انهيءَ جي (مناسب) جاءِ تي رکي.

مساوات ۽ عدالت ۾ فرق

اسان جي معاشري ۾ گھڻا ماڻهو عدالت کي مساوات ۽ برابري جهڙو سمجھندا آهن، حقيقت ۾ اهي انسان، عدالت جي مفهوم کي سمجھي نه سگھيا آهن؛ ڇو جو عدالت، مساوات ۽ برابري کان مختلف آهي جنهن ۾ استعداد، قابليت ۽ لياقت کي ڏٺو ويندو آهي. مثال طور هڪ ڪلاس ۾ 20 شاگرد پڙهن ٿا ته عدالت هيءَ ناهي ته استاد سڀني شاگردن کي هڪ جيترا نمبر ڏئي بلڪه عدالت هيءَ آهي ته جيڪو شاگر جيترو هوشيار ۽ محنتي هجي ان کي اوترا نمبر ملن يا مثال طور مستري ۽ مزدور کي هڪ جيتري اجرت ڏني وڃي، اها عدالت ناهي بلڪه عدالت هيءَ آهي ته مستريءَ کي مزدور کان وڌيڪ اجرت ڏني وڃي، انهيءَ کي استحقاق (حقدار هجڻ) چئبو آهي، جيڪو عين عدالت آهي. نتيجو اهو ته عدالت ۽ مساوات (برابري) ۾ فرق آهي.

خدا جو عادل هجڻ، اعتقادي اصولن منجهان آهي ۽ سندس عدالت جو عقيدو رکڻ ضروريات دين منجهان آهي. اگر ڪو شخص خدا جي عدالت تي اعتقاد نٿو رکي، در اصل ان جو خدا تي ايمان ناهي ۽ گھڻا ئي ماڻهو عدالت جي مفهوم کان اڻ ڄاڻ آهن، تنهنڪري جڏهن ڪنهن مصيبت يا پريشانيءَ ۾ مبتلا ٿين ٿا ته خدا کي ڏوهي ٺهرائين ٿا، ٻين لفظن ۾ خدا کي ظالم سمجھن ٿا.

ظلم هڪ قبيح ۽ ناپسنديده فعل آهي، خدا ڪڏهن به قبيح فعل کي انجام ناهي ڏيندو، ڇاڪاڻ ته ظلم ڪرڻ جا ڪجھ اسباب آهن ۽ خدا انهن کان پاڪ ۽ پاڪيزه آهي.

ظلم جا اسباب

1: ظلم اهو شخص ڪندو آهي جنهن کي ڪنهن مقصد تائين پهچڻو هوندو آهي ۽ اهو مقصد صرف ظلم جي رستي سان ئي ممڪن هوندو آهي.

2: ظلم اهو شخص ڪندو آهي جيڪو ظلم جي برائين ۽ ان جي قبيح هجڻ کان واقف ناهي هوندو.

3: ظلم اهو شخص ڪندو آهي جنهن جي اندر ۾ دشمني، حسد ۽ هوس پرستي وغيره موجود هوندي آهي.

4: ظلم اهو شخص ڪندو آهي جيڪو خطري ۽ نقصان کي پنهنجو پاڻ کان دور ڪرڻ تي قادر ناهي هوندو ۽ وٽس ظلم کان سواءِ ٻيو ڪو رستو نه هوندو آهي.

هن دنيا ۾ جيڪو ظلم ٿيندو آهي، انهن اسباب منجهان ڪنهن هڪ جي بنياد تي هوندو آهي. اگر هي اسباب پاتا نه وڃن ڪٿي به ڪوئي ظلم واقع نه ٿيندو ۽ انهن اسباب منجهان ڪو به سبب خداوند متعال ۾ پاتو نٿو وڃي ڇاڪاڻ ته

الف: خداوند متعال غنيِ مطلق آهي ۽ هو ڪنهن جو به محتاج ناهي.

ب: ان جو علم لامحدود آهي جيڪو ڪڏهن به ختم ٿيڻ وارو ناهي.

ج: خداوند متعال صفات حسنه جو مالڪ آهي ۽ سڀني عيبن ۽ نَقصن کان پاڪ ۽ پاڪيزه آهي.

د: خداوند متعال لامحدود قدرت جو مالڪ آهي؛ تنهن ڪري خدا عادل آهي. ارشاد خداوندي آهي ته

اِنَّ اللهَ لَا يَظْلِمُ النَّاسَ شَيْـــًٔـا وَّلٰکِنَّ النَّاسَ اَنْفُسَهُمْ يَظْلِمُوْنَ (5)

 بيشڪ خدا ذري برابر به ماڻهن تي ظلم نٿو ڪري بلڪه ماڻهو خود پنهنجي مٿان ظلم ڪن ٿا. صحيفه سجاديه جي دعا نمبر 45 آهي ته 

وَ عَفْوُكَ‏ تَفَضُّلٌ‏ وَ عُقُوبَتُكَ عَدْل

پروردگارا تنهنجي بخشش تنهنجي فضل جو نتيجو آهي، ۽ تنهنجي سزا، عدالت آهي.

 آئمه معصومين عليهم السلام کان نقل آهي ته نماز شب کان بعد هن دعا کي پڙهيو وڃي:

وَ قَدْ عَلِمْتُ يَا إِلَهِي أَنَّهُ‏ لَيْسَ فِي نَقِمَتِكَ عَجَلَةٌ وَ لَا فِي حُكْمِكَ ظُلْمٌ وَ إِنَّمَا يَعْجَلُ مَنْ يَخَافُ الْفَوْتَ وَ إِنَّمَا يَحْتَاجُ إِلَى الظُّلْمِ الضَّعِيفُ وَ قَدْ تَعَالَيْتَ يَا إِلَهِي عَنْ ذَلِكَ عُلُوّاً كَبِيراً

پروردگارا آءُ ڄاڻيان ٿو ته تون سزا ڏيڻ ۾ جلدي ناهين ڪندو ۽ تنهنجي حڪم ۽ فيصلي ۾ ظلم ناهي هوندو. جلدي اهو ڪندو آهي جيڪو ڊڄندو هجي ته ڪٿي وقت هٿ مان نه نڪري وڃي ۽ ظلم اهو ڪندو آهي جيڪو ڪمزور هوندو آهي. اي پروردگار! تون ان کان وڌيڪ بزرگ ۽ عظمت وارو آهين. (6)

اسان جي معاشري ۾ آفتون، مصيبتون، تڪليفون، بيماريون، رنج، غم ۽ ناڪاميون موجود آهن ڪجھ ماڻهو حد کان وڌيڪ امير ۽ ڪجھ غربت کان به هيٺانهين درجي جي زندگي گذارين ٿا يا ظالمن ۽ گناهگارن جي عمر طولاني آهي انهيءَ جي برعڪس نيڪ ماڻهو جلدي هن دنيا مان هليا وڃن ٿا. گھڻن ماڻهن جي ذهنن ۾ اهي مسئلا، سوال جي صورت ۾ اڀرن ٿا، اهي خدا جي عدالت مٿان اعتراض ڪندي سندس انڪار ڪن ٿا.

 پهريون جواب: عقلي ۽ نقلي دليلن سان ثابت ٿي چڪو آهي ته خدا حڪيم ۽ عادل آهي ۽ خدا هر شيءِ کي ڪنهن هدف ۽ مقصد تحت خلق ڪيو آهي ۽ خداوند متعال ڪنهن جو به محتاج ناهي. هو هر شيءِ کان باخبر آهي ۽ ڪو به ڪم حڪمت جي خلاف انجام ناهي ڏيندو، ظلم جنهن جي بنياد جهالت ۽ عاجزي آهي، انهيءَ جو تصور ڪرڻ ذات خدا جي لاءِ ممڪن ناهي. ان جي باوجود به جيڪي ماڻهو مذڪوره مسائل ۾ مبتلا آهن انهن جي فلسفي کي نه سمجھي سگھيا آهن ۽ انهن کي مڃڻ گھرجي ته انهن جو علم محدود آهي ۽ انهن جو ئي قصور آهي.

ٻيون جواب: گھڻين مصيبتن جا ذميوار اسان پاڻ هوندا آهيون، انسان جي زندگي گھڻين ئي مصيبتن ۾ جڪڙيل هوندي آهي جنهن جو اصلي سبب خود اهو انسان هوندو آهي. گھڻيون ئي ناڪاميون، سستي ۽ محنت نه ڪرڻ جي ڪري پيش اينديون آهن. گھڻيون ئي بيماريون پيٽ پوڄا (شڪم پرستي) ۽ نفساني خواهشن جي ڪري وجود ۾ اينديون آهن. بد نظمي، هميشه بد بختيءَ جو سبب هوندي آهي ۽ اهڙي نموني اختلاف هميشه مصيبت ۽ بد بختيءَ جو باعث رهيو آهي. ان کان علاوه گھڻا عيب ۽ نقص مثال طور ٻارن جو ناقص الخلقت (نڌو، گونگو ۽ ٻوڙو وغيره) پيدا ٿيڻ، والدين جي ڪوتاهي ۽ شريعت جي قاعدن ۽ قانونن جي خيال نه رکڻ جي ڪري آهي، اگرچه ٻار جو ڪو به قصور ناهي ليڪن مٿس پيءُ ۽ ماءُ جي جهالت ۽ ظلم جو طبيعي اثر آهي. اگر والدين شريعت جي قانونن جو خيال نٿا رکن ته اهي خود ذميوار آهن ۽ خدا جي طرف منسوب ڪرڻ سراسر غلط آهي.

مَا اَصَابَکَ مِنْ حَسَـنةٍ فَمِنَ الله وَمَآ اَصَابَکَ مِنْ سَيِّئَةٍ فَمِنْ نَّفْسِکَوَاَرْسَلْنٰکَ لِلنَّاسِ رَسُوْلًا وَکَفٰى بِاللهِ شَهِيْدًا

جيڪا به نيڪي توهان تائين پهچي ٿي اها خدا جي طرفان آهي ۽ جيڪا به برائي توهان تائين پهچي ٿي اها خود توهان جي اعمال جو نتيجو آهي.(7)

ٻي جڳهه تي ارشاد خداوندي ٿئي ٿو ته

ظهَرَ الْفَسَادُ فِی الْبَرِّ وَالْبَحْرِ بِمَا کَسَبَتْ اَيْدِی النَّاسِ لِيُذِيْقَهُمْ بَعْضَ الَّذِیْ عَمِلُوْا لَعَلَّهُمْ يَرْجِعُوْنَ

ماڻهن جي (بد) عملن جي ڪري دريا ۽ خشڪيءَ ۾ فساد ڦهلجي ويو آهي ته پوءِ خدا کين ڪجھ عملن جو مزو چکائي ته شايد اهي بدلجي وڃن. (8)

ڪڏهن مصيبتون ۽ مشڪلاتون مومنن جي درجات جي بلنديءَ جي لاءِ اينديون آهن ۽ ڪڏهن يادگيري ۽ سجاڳيءَ جي لاءِ ته ڪڏهن وري گناهن جو ڪفارو هونديون آهن. اهي سڀ جون سڀ شيون خدا جي طرفان مومنن تي فضل ۽ ڪرم آهن.

احاديث ۾ به وارد ٿيو آهي ته انسان تي اچڻ واريون گھڻيون مصيبتون گناهن جي سزا هونديون آهن. امام رضا B جن کان روايت آهي ته

كُلَّمَا أَحْدَثَ‏ الْعِبَادُ مِنَ الذُّنُوبِ مَا لَمْ يَكُونُوا يَعْمَلُونَ أَحْدَثَ اللَّهُ لَهُمْ مِنَ الْبَلَاءِ مَا لَمْ يَكُونُوا يَعْرِفُونَ(9)

جڏهن به خدا جا ٻانها اهڙا گناهه ڪندا آهن جيڪي انهن پهريان ڪڏهن به انجام نه ڏنا هجن ته خدا انهن کي نئين مصيبتن ۾ مبتلا ڪندو آهي.

هڪ ٻي جڳهه تي مولاءِ ڪائنات علي عليه السلام فرمائن ٿا ته گناهن کان دوري اختيار ڪريو ڇاڪاڻ ته سڀ مشڪلاتون، مصيبتون ۽ روزيءَ جو گھٽ ٿيڻ، گناهن جي ڪري آهي ايسيتائين جو جسم ۾ ڪا خراش اچڻ، ٺوڪر کائي ڪرڻ ۽ مشڪلاتن ۾ مبتلا ٿيڻ، سڀ گناهن جو نتيجو آهن. خداوند متعال جو فرمان آهي ته توهان تي جيڪا به مصيبت اچي ٿي اها توهان جي عملن جو نتيجو آهي.

اسان ڏسي رهيا آهيون ته ظالمن ۽ گنهگارن جي دنياوي زندگي ڏاڍي سٺي گذري ٿي ۽ انهن کي ڪنهن به قسم جي پريشاني ناهي جڏهن ته انهن جي مقابلي ۾ مومن ماڻهو پريشان حال آهن؟

آيتن ۽ روايتن جي روشنيءَ ۾ واضح ٿئي ٿو ته ظالمن ۽ گنهگارن کي مهلت ڏيڻ ۽ نعمتن ۾ اضافو سندن عذاب کي شديد ڪرڻ لاءِ آهي ته جيئن انهن کي گھڻو عذاب ڏنو وڃي.

وَلَا يَحْسَبَنَّ الَّذِيْنَ کَفَرُوْٓا اَنَّمَا نُمْلِیْ لَهُمْ خَيْرٌ لِّاَنْفُسِهِمْۭ اِنَّمَا نُمْلِیْ لَهُمْ لِيَزْدَادُوْٓا اِثْمًا وَلَهُمْ عَذَابٌ مُّهِيْنٌ(10)

ڪافر هر گز ان خوش فهميءَ ۾ نه رهن ته اسان انهن کي مهلت ڏني آهي ته اها انهن جي حق ۾ ڪا ڀلائي آهي اسان انهن کي مهلت ان لاءِ ڏني آهي ته جيئن اهي گناهه گھڻا ڪن ۽ سخت عذاب انهن جي انتظار ۾ آهي.

حضرت علي بن ابي طالب عليهما السلام فرمائن ٿا ته:

اي فرزند آدم! جڏهن تون اهو محسوس ڪرين ته خدا جي نافرمانيءَ جي باوجود تو تي نعمتن جي برسات ٿي رهي آهي ته تون ان کان هوشيار رهجانءِ.

بس خدا وند متعال جي عدالت جي سلسلي ۾ ماڻهن جي ذهنن ۾ جيڪي به اعتراض آهن اهي فقط ۽ فقط جهالت، مصيبت ۽ امتحان جي فلسفي کي نه سمجھڻ جي ڪري آهن.

حواله

(1) نهج البلاغة، صبحي صالح، ص553، حڪمت 437)

(2) سورت حجرات، آيت 13

(3) سورت زلزله آيت 7 ، 8

(4) مجمع البحرين ج‏ 5، ص 421

(5) سورت يونس آيت 44

(6) مصباح المتهجد و سلاح المتعبد، شيخ طوسي، ج‏1 ص 195

(7) سورت نساء آيت 79

(8) سورت روم آيت 41 )

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found