جمع, 16 نومبر 2018 - Fri 11 16 2018

Menu

روزو آئمه معصومين عليهم السلام جي نگاهه ۾

تحرير : علي گوهر ايماني 

مهاڳ:

روزو اهڙي عبادت جو ناءُ آهي جيڪا رڳو انسان ۽ سندس نپائڻهار جي وچ ۾ موجود هوندي آهي، هي حديث قدسي ( الصوم لي و انا اجزي عليه ) روزو منهنجي لاءِ آهي ۽ مان ئي ان جي جزا ڏيندس، ان ڳالھ ڏانهن واضح اشارو آهي.

جيتوڻيڪ ٻيون عبادتون جهڙوڪ: نماز، زڪات،  حج،  خمس،  جهاد وغيره  به الله سائين جي لاءِ ئي آهن ليڪن انهن کي انجام ڏيندي ٻيا انسان به ڏسي سگھن ٿا پر روزو اهڙي حقيقت آهي جو اگر ان کي بيان نه ڪجي ته نپائڻهار کان علاوه ڪنهن کي به ان جي خبر ناهي هوندي. اسان هن لکت ۾ روزي کي آئمه معصومين عليهم السلام جي نگاھ ۾ بيان ڪندا سين .

رمضان المبارڪ جي فضيلت

حضرت امام باقر عليه السلام جابر کي فرمايو: اي جابر جنهن جي زندگيءَ ۾ ماھ مبارڪ رمضان داخل ٿي وڃي ان کي ڏينهن جو روزو رکڻ گھرجي ۽ رات جو ڪجھ حصو قرآن شريف جي تلاوت ۽ دُعا ۾ گذارڻ گھرجي ۽ پنهنجي شرمگاهه ۽ زبان جي حفاظت ڪري ۽ پنهنجون اکيون نامحرم ۽ غلط منظرن کان ٻوٽي ڇڏي ۽ ماڻهن کي تڪليف ۽ آزار نه ڏئي ته گناهن کان ايئن نڪري ( ڌوپي) ويندو ڄڻ ته ( تازو) ماءُ جي پيٽ مان ڄايو آهي. (1)

غياث بن ابراهيم چوي ٿو امام صادق عليه السلام پنهنجي والد گرامي کان ۽ انهن پنهنجي جد امجد کان روايت ڪئي آهي ته حضرت علي عليه السلام فرمايو: رمضان نه چئو بلڪه (ماه رمضان) چئو ڇاڪاڻ ته توهان کي خبر ڪونهي ته رمضان ڇا آهي. (2)

جابر امام باقر  عليه السلام کان روايت نقل ڪئي آهي ته امام عليه السلام فرمايو: جڏهن رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم ماه مبارڪِ رمضان جو چنڊ ڏسندا هئا ڪعبة الله ڏانهن رُخ ڪري  چوندا هئا: (اللهم اهلّه بالامن و الايمان، والسلامة والاسلام، و العافية المجللة، و الرزق الواسع، و دفع الاسقام، و تلاوة القرآن، والعون علي الصلاة والصيام، اللهم سلمنا لشهر رمضان و سلمة لنا، و تسلّمه منّا حتّيين قضي شهر رمضان و قد غفرت لنا). اي پالڻهار هن نئين مهيني کي اسان لاءِ امنَ ۽ امان، سلامتي ۽ اسلام، تندرستي، جھجھي روزِي، درد ۽ ناملائمات کي دور ڪرڻ، قرآن جي تلاوت ڪرڻ ۽ پنهنجي مدد ۽ ڪاميابي ڏيڻ، نماز روزي لاءِ بابرڪت قرار ڏي، اي الله اسان کي رمضان المبارڪ جي روزي رکڻ ۾ سالم  رک ۽ ان کي اسان لاءِ سالم رکُ ايستائين جو اهو مهينو پورو ٿي وڃي ۽ اسان کي بخشي ڇڏيو هُجَئِي. پوءِ ماڻهن ڏانهن منهن ڪري فرمايو: اي مسلمانو! جڏهن رمضان المبارڪ جو چنڊ ظاهر ٿئي ٿو ته شيطان جو اعمالنامو بند ٿي وڃي ٿو( يعني زنجيرن ۾ جڪڙيو وڃي ٿو) ۽ آسمان جا در کوليا وڃن ٿا جنت ۽ الله تعالي جي رحمت جا دروازا کوليا وڃن ٿا ۽ جهنم جا سڀئي دروازا بند ڪيا وڃن ٿا، دُعا قبول ڪئي وڃي ٿي ۽ الله تعالي افطاريءَ جي ٽائيم تي ڪجھ بندا جهنم کان آزاد ڪري ٿو ۽ هر رات هڪ منادي ندا ڏئي ٿو)هل من سائل؟ هل من مستغفر؟( ڇا ڪوئي سائل ( سواال ڪندڙ) آهي؟ ڇا ڪوئي استغفار ڪرڻ وارو آهي ؟ بعد ۾ چوي ٿو: ( اللهم اعط کل منفق خلفا وکل ممسک تَلفا) اي پالڻهار هر خرچ ڪرڻ واري کي ان جو عوض عطا فرماءِ ۽ هر ڪنجوس کي تلف (ختم) ڪر. ايستائين جو شوال مهيني جو چنڊ اُڀري، مومنن کي سڏين ۽ پڪارين ٿا ته صبح جو پنهنجو انعام وٺڻ لاءِ حاضر ٿيو ڇو ته اهو انعام جو ڏينهن آهي. پوءِ امام باقر عليه السلام  فرمايو: ان ذات جو قسم جنهن جي هٿ ۾ منهنجو ساهه آهي اهو انعام دينارن ۽ درهمن (روپين روڪڙن) يعني سون ۽ چاندي جو ناهي (بلڪه الله جي رحمت، مغفرت ۽ برڪت جو آهي. (3)  

روزي جو واجب هجڻ

( يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُواْ كُتِبَ عَلَيْكُمُ الصِّيَامُ كَمَا كُتِبَ عَلَى الَّذِينَ مِن قَبْلِكُمْ لَعَلَّكُمْ تَتَّقُون َ )(4)

اي مؤمنؤ جيئن اوھان کان اڳين تي (روزا) فرض ڪيا ويا ھئا تيئن اوھان تي (به) روزا فرض ڪيا ويا آھن ته مَنَ اوھين پرھيزگاري ڪريو.

ڪتاب من لا يحضره الفقيه ۾ حفض بن غياث کان نقل ٿيو آهي هو چوي ٿو: مان امام صادق عليه السلام  کان ٻڌو ته فرمايائون: ماهه مبارڪ رمضان جو روزو الله سائين پهرين امتن منجھان ڪنهن به هڪ تي فرض ناهي ڪيو هو چوي ٿو مان امام عليه السلام جي بارگاهه ۾ عرض ڪيو پوءِ هن آيت (اي ايمان وارو! توهان تي روزا فرض ڪيا ويا آهن جهڙي طرح توهان کان پهريان وارن تي فرض ڪيا ويا هئا جو مطلب ڇا آهي؟ ۽ ان جي توجيهه ڇا ڪئي ويندي؟ حضرت امام صادق عليه السلام  فرمايو: الله سائين ماه مبارڪ رمضان جا روزا فقط پهرين امتن جي انبياء تي فرض ڪيا هئا نڪي انهن اُمتن تي؛ پر روزي جي وسيلي هن امت (يعني امتِ حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه وآله وسلم کي (ٻين امتن تي) فضيلت ڏني وئي آهي ۽ ماه مبارڪ رمضان جا روزا حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه وآله وسلم ۽ سندس امت تي فرض ڪيا ويا آهن. (5)

روزي جي فضيلت

نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن  فرمايو: الله تعالي فرمايو: جيڪو ڪم به آدم عليه السلام جي اولاد ڪري ٿي اهو ان لاءِ آهي سواءِ روزي جي، جيڪو منهنجي لاءِ آهي ۽ ان جي جزا (به) آءُ ڏيندس.

حضرت امام صادق عليه السلام فرمائن ٿا:  (اِنّ اللهَ تَبَارَک وَ تَعَالي يَقُولُ: الصَّومُ لِي وَ اَنَا اَجزِي عَلَيهِ). الله سائين فرمائي ٿو: روزو منهنجي لاءِ آهي ۽ آءُ ان جي جزا ڏيان ٿو. (6)

روزو ۽ شيطان کان ڇوٽڪارو

 هڪ حديث ۾ آهي ته حضرت علي عليه السلام نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن کان پڇا ڪئي ته ڇا ڪريون جو شيطان اسان کان دور ٿئي ۽ ان کان ڇوٽڪارو ملي ته پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو:  (اَلصَّومُ يُسَوّدُ وَجهَهُ ، وَ الصّدقَه تَکسِرُ ظَهرَه ، و الحب في الله و المواظبة علي العمل الصالح يقطع دابره، وَ الاِ ستغفارُ يقطع وطينته) روزو شيطان جي مُنهن کي ڪارو ڪري ڇڏي ٿو ۽ ( خدا جي راهه ۾ ) صدقو ڏيڻ ان جي چيلهه ٽوڙي ڇڏي ٿو ۽ خدا ڪاڻ محبت ۽ نيڪ عمل جي پابندي ان جي پيڇي ڪرڻ کي ختم ڪري ڇڏي ٿي ۽ توبه تائب ٿيڻ ان جي شهه رڳ کي ڪٽي ۽ پٽي ڇڏي ٿو. (7)

روزيدار جي فضيلت

رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو: الصائم في عبادة الله وان کان نائماً علي فراشه، ما لم يغتب مسلماً). روزيدار الله تعالي جي عبادت ۾ آهي توڙي جو پنهنجي بستري تي ستل هجي، جيستائين ڪنهن مسلمان جي غيبت نٿو ڪري. (لهذا روزيدار کي ڪوشش ڪرڻ گھرجي ته پوري ڏينهن ۾ عبادت جو ثواب حاصل ڪري ۽ ڪنهن ٻئي مسلمان ڀاءُ ۽ ڀيڻ جي روزي جي حالت ۾ غيبت ڪرڻ ذريعي پنهنجي نفس تي ان منحوس غيبت کان وارُ ڪرائي روزي جي عبادت کان محروم نه بڻجي وڃي).

رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو: (  نوم الصّائم عبادة و نفسه تسبيح) روزيدار جي ننڊ عبادت آهي ۽ ان جو ساهه کڻڻ تسبيح ( جي برابر) آهي.

پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم جن  فرمايو: جنت ۾ هڪ دروازو آهي جنهن جو نالو ريان (ڀريل، شاداب) آهي جنهن مان روزيدارن کانسواءِ ڪوئي به نه ٽپندو. (جنهن به مومن کي ان  دروازي مان ٽپڻ جي سڌ ۽ اميد آهي ته ان کي ان خدا جي شريف مهيني رمضان المبارڪ ۾ روزي رکڻ جي زحمت ڪرڻي پوندي).

روزي جي واجب هجڻ جو فلسفو ۽ حڪمت

نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن  فرمايو: روزو رکڻ توهان تي لازمي آهي ڇاڪاڻ ته روزو رڳن کي وڍي ۽ ڪپي (يعني شهوت کي گھٽ ڪري) ڇڏي ٿو. (پاڪ پيغمبر جي ان قول تي غور ۽ ويچار ڪرڻ سان سُڌِ ۽ پروڙ پوي ٿي ته شهوت تي ڪنٽرول ڪرڻ جو بهترين ذريعو روزو آهي. جيڪڏهن ڪنهن جي شهوت اعتدال جو ليڪو لنگھي وڃي ته ان کي لغام ڏيڻ لاءِ ۽ ان تي ڪنٽرول ڪرڻ خاطر رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي ان ڏسيل نسخي تي عمل ڪرڻ سان ان کي اعتدال جي واٽ تي آڻي سگھجي ٿو). نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن  فرمايو: روزو آنڊي کي سنهڙو ۽ باريڪ ڪري ٿو، گوشت کي ختم ڪري ٿو ۽ جهنم جي تتل گرمائش کان دور ڪري ٿو.

حضرت بيبي فاطمه زهراسلام الله عليها فرمايو: فَرَضَ اللهُ الصّيَامَ تَثبِيتاً لِلاِخلاَصِ) (8) الله تعالي اخلاص کي محڪم ۽ استوار ڪرڻ لاءِ روزو فرض ڪيو آهي. (9) حضرت امام رضا عليه السلام  روزي جي واجب هجڻ جي سبب جي باري ۾ فرمايو: الله سائين روزو ان ڪري واجب قرار ڏنو ته جيئن ماڻهو بُک ۽ اُڃ جي درد کي چکن ۽ آخرت جي نيازمندي جي پويان وڃن ( يعني آخرت لاءِ ڪوشش ڪن ته ڪيتري قدر کين ان جي ضرورت آهي). (روزو ان ڪري واجب ٿيو آهي) ته روزيدار کي اُڃ ۽ بُکَ جي اثر جي ڪري جيڪا کيس لڳي ٿي نوڙت، ذلت ۽ جھڪيل حالت ۾ اجر ڏنو وڃي ۽ اهو الله جي رضا ۽ ثواب جو طلبگار ۽ عارف ۽ صابر بڻجي وڃي. ان کان علاوه ته روزو شهوت کي روڪڻ جو سبب آهي ۽ ان خاطر ته روزو دنيا ۾ انهن کي نصيحت ڪندڙ هجي ۽ انهن کي پنهنجي ذميداري انجام ڏيڻ تي ڀڙ ڪري ۽ اجر ۽ ثواب تائين پهچڻ لاءِ انهن جو رهنما هجي ۽ جيڪا تڪليف ۽ اُڃَ ۽ بُکَ مسڪين ۽ ضرورتمند چکن ۽ محسوس ڪن ٿا ان تائين پهچن ۽ نتيجي ۾ جيڪي حق، الله سائين انهن (شاهوڪارن) جي ذمي تي (مسڪينن ۽ ضرورتمندن) لاءِ قرار ڏنا آهن اُهي ادا ڪن. (10) (هن حديث ۾ امام رضا عليه السلام روزي جي واجب هجڻ جا ڪجھ سبب ٻُڌايا آهن)

1. ماڻهو بُک ۽ اُڃ جي درد کي محسوس ڪن ۽ آخرت جي ضرورت تي تي توجھ ڪن.

2. روزي جي سختين مان اهو درس پرائين ته هو الله جي رضا جا طلبگار، عارف ۽ صابر بڻجي وڃن.

3. روزو شهوت جي روڪڻ جو سبب ٿئي ٿو.

4. روزو ان ڪري واجب ٿيو آهي ته انسان پنهنجي ذميداري کي انجام ڏيڻ ۾ ڀَڙُ ٿئي.

5. غريبن ۽ مسڪينن جي بُکَ ۽ اُڃَ کي محسوس ڪري.

6. روزو ان ڪري واجب ٿيو آهي ته جيڪو شاهوڪارن جي مال ۾ غريبن ۽ مسڪينن جو حق آهي اهو انهن شاهوڪارن هٿان غريبن ۽ مسڪينن تائين پهچي.

علي بن احمد، محمد بن ابي عبد الله ڪوفي کان، ان برمڪي کان، ان علي بن عباس کان، ان عمر بن عبد العزيز کان، ان هشام بن حڪم کان روايت ڪئي آهي چوي ٿو ته حضرت ابا عبد الله (امام صادق عليه السلام) کان روزي رکڻ جو سبب پڇا ڪيم؟ امام عليه السلام فرمايو: روزي رکڻ جي تشريع ۽ ان جي واجب هجڻ جو سبب هي آهي ته روزي جي ذريعي فقير ۽ امير پاڻ ۾ مساوي ۽ برابر ٿي وڃن. ان جي وضاحت هي آهي ته امير ڪڏهن به بُک ۽ اُڃَ جي درد ۽ ڏک کي محسوس نٿو ڪري تاڪه فقير تي رحم ڪري جڏهن ته امير کي جڏهن به جهڙي شيءِ کپي انهيءَ کي فراهم ڪري وٺي ٿو ان ڪري الله سائين چاهيو ته پنهنجي مخلوق ۾ امير ۽ غريب جي درميان مساوات ۽ برابري برقرار ڪري ته جيئن امير، فقير ۽ مسڪين جي درد ۽ ڏک کي محسوس ڪن ۽ ڪمزورن ۽ هيڻن جي حال تي رحم ڪن، ان خاطر الله تعالي روزو واجب قرار ڏنو. هشام چوي ٿو: انهيءَ ذريعي حضرت امام صادق عليه السلام جيڪو جواب مونکي ڏنو اهو جواب اُنَ جوابَ وانگر هو جيڪو سندن والد بزرگوار ڏنو هو. (11)

روزي رکڻ لاءِ ڄمار

حضرت امام صادق عليه السلام فرمايو: جڏهن ٻارُ (ٻالڪ) نَوَن سالن جو ٿي وڃي ته ان کي پنهنجي طاقت آهر (روزو) رکڻ ڇڏيو پوءِ جيڪڏهن ظهر يا ان کان بعد تائين (روزو رکڻ) جي طاقت اٿس ته انهيءَ وقت تائين روزو رکي ۽ جڏهن اُن مٿان بُک يا اُڃَ حاوي ٿي وڃي ته روزو کولي ڇڏي. (ڪجھ والدين اهو تصور ڪندا آهن ته جيڪڏهن ننڍڙي ٻارَ (پٽ يا ڌيءَ) روزو رکيو ته هاڻي انهن کي ڪنهن به صورت ۾ روزو پورو ڪرڻ گھرجي نه ته سندس پيءُ ۽ ماءُ گنهگار ٿيندا حالانڪه اسلام ۽ آئمه عليهم السلام جي نظر ۾ ائين ڪونهي ڪو ٻار جيستائين روزو رکي سگھي ٿو اوستائين روزو رکي ايستائين جو هن جي روزي رکڻ جي سگھ پوري ٿي وڃي ته هو روزو کولي سگھن ٿا ايئن ڪرڻ سان نه ٻارُ ۽ نه وري ٻارَ جا پيءُ ماءُ گنهگار ٿيندا ڇاڪاڻ ته اهو انهن جو مشق ۽ ريهرسل خاطر روزو آهي ته جيئن بالغ ٿيڻ کان پهريان انهن کي عادت پيل هجي ۽ ڪنهن به قسم جي ٿڪاوٽ محسوس نه ڪن).

معاويه بن وهب چوي ٿو امام صادق عليه السلام کان پڇيم ته ٻارَ کي ڪيتري ڄمار ۾ روزو رکڻ گھرجي؟ امام عليه السلام فرمايو: جڏهن ٻارُ چوڏهن يا پندرهن سالن جي ڄمار جو ٿي وڃي . بس ان ڄمار کان پهريان جيڪڏهن هن روزو رکيو ته ان کي پنهنجي حال تي ڇڏي ڏيو، منهنجو فلاڻو پٽُ ان ڄمار کان پهريان روزا رکندو هو ۽ مان ان کي پنهنجي حال تي ڇڏي ڏيندو هيم. (12)

هڪ ٻي روايت ۾ آيو آهي ته ڇَوڪِرَي تي احتلام (واجب تڙ پوڻ) کان پوءِ ۽ ڇوڪِرِيءَ تي حيض (ماهواري) ڏسڻ کان پوءِ روزو واجب ٿي وڃي ٿو. (13 )

حوالا

[1]. من لا يحضره الفقيه، ج 2، ص 421

  1. 2. معاني الاخبار، ص 249.
  2. 3. ثواب الاعمال، ص 148_ 149
  3. 4. سورت بقره، آيت 183
  4. 5. ميزان الحڪمة، ج 6، ص 388
  5. 6. ساڳيو، ج 6، ص 389
  6. 7. تفسير نمونه، ص 709
  7. 8. سخنان نوراني معصومين عليهم السلام ، ص 26
  8. 9. منتخب الميزان، ج6، ص 389_ 390
  9. 1 ميزان الحڪمة، ص 391
  10. 1 علل الشرايع، ص 227_228.
  11. 1 من لايحضره الفقيه، ص 453_ 454

13. ساڳيو، ج2، ص 454

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found