اڱارو, 25 جون 2019 - Tue 06 25 2019

منو

نهج الفصاحه جو تعارف

ڪتاب نهج الفصاحه جو اجمالي تعارف

تحرير: مولانا غلام قاسم تسنيمي 

اسلامي معاشري ۽ مسلمانن وٽ الله سائين جي پاڪ ڪلام قرآن مجيد سان گڏ سندس موڪليل رسول حضرت محمد مصطفى صلي الله عليه و آله و سلم جي حديثن جي به خاص اهميت آهي. پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم جي دور کان ئي حديث کي محفوظ رهڻ جو سلسلو شروع ٿيو، جيڪو ياد ڪرڻ، سينه به سينه منتقل ڪرڻ، بيان ڪرڻ ۽ لکڻ وسيلي جاري رهيو.

رسول اڪرم صلي الله عليه و آله و سلم جي حديثن کي ڪتابن ۾ مختلف لحاظن سان نقل ڪيو ويو آهي، ڪجھ ڪتابن ۾ تفسيري روايتون آهن، ڪنهن ۾ فقهي ته ڪنهن ۾ اخلاقي. ڪو ڪتاب انتهائي مفصل آهي ۽ ڪيترن ئي طولاني جلدن تي مشتمل آهي ته ڪو نهايت ئي مختصر. ڪنهن ڪتاب ۾ ته ڪنهن خاص موضوع تي رڳو چاليھ حديثون گڏ ڪيون ويون آهن. جڏهن ته ڪو ڪتاب چاليھ حديثن جي شرح ۽ سمجهاڻي بابت لکيو ويو آهي.

بهرحال ڪتاب ”نهج الفصاحة“ پاڻ سڳورن صلي الله عليه و آله و سلم جي اخلاقي حديثن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جا ٻه حصه آهن، پهرين ۾ پاڻ ڪريم صلي الله عليه و آله و سلم جن جون حديثون ته ٻئي حصي ۾ مدني مير صلي الله عليه و آله و سلم جا خطبا آهن.

هن ڪتاب جي ” ”نهج الفصاحة“ نالي هجڻ جو سبب به پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم جي حديث آهي، جنهن ۾ پاڻ فرمايو آهي ته:

 انا افصح العرب؛

مان عربن مان سڀني کان وڏو فصيح (اديب) آهيان. عام طور تي هن ڪتاب ۾ مختصر، مفيد ۽ عملي ميدان ۾ ڪم ايندڙ حديثن کي گڏ ڪيو ويو آهي.

ڪتاب جو مولف ابو القاسم يابنده آهي، جيڪو معاصر آهي، خود مولف ئي هن ڪتاب کي عربي ۾ لکڻ کان پوءِ ان جو فارسي ۾ ترجمو به ڪيو آهي. هي ڪتاب رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي 3227 حديثن ۽ 16 خطبن تي مشتمل آهي.

هي ڪتاب هڪ جلد ۾ سازمان انتشارات جاويدان جي طرفان ڇپجي پڌرو ٿي چڪو آهي. هن ڪتاب کي مختلف فارميٽن ۾ هن لنڪ تان ڊانلوڊ ڪري سگهجي ٿو.

http://www.ghbook.ir/index.php?option=com_mtree&task=viewlink&link_id=2158&Itemid=0&lang=fa

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found